Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

مالِڪ کي سندس ملڪيت ڏيکاري وئي

پيارا اسلامي ڀائرو! آخري نبي، مڪي مدني صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم کي هي نشانيون (مثلاً جنت ۽ دوزخ، عرش ۽ ڪرسي، لوح ۽ قلم وغيره) ڇو ڏيکاريون ويون؟ هن سلسلي ۾ مشہور مُفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ وڏو ايمان افروز مدني گل ڏنو آهي، فرمائن ٿا: عرش، فرش ۽ سڄي ڪائنات حضور صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم کي عطا ڪئي وئي آهي، تنهنڪري جنت جي دروازن، پن پن ۽ ٽاريءَ ٽاريءَ تي لکيل آهي: لَآا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ مُحَمَّدٌ رَّسُوۡلُ اللہ يعني هي سموريون شيون قدرت جي ڪارخاني جون ٺهيل آهن ۽ مُحَمَّد صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جي ملڪيت آهن۔ تنهنڪري الله پاڪ کي منظور ٿيو ته مالڪ کي ان جي ملڪيت (Ownership) ڏيکاري وڃي، تنهنڪري رَب ڪريم محبوبِ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم کي مِعراج تي گهرايو ۽ کين سڀ ڪجهه ڏيکاري ڇڏيو.([1]) 

کونین بنائے گئے سرکار کی خاطِر             کونین کی خاطِر تمہیں سرکار بنایا

کنجی تمہیں دِی اپنے خزانوں کی خُدا نے       محبوب کِیا، مالِک و مختار بنایا([2])

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

حبيب  ۽  خليل  جو  فرق

اي عاشقانِ رسول! هتي حبيب ۽ خليل جو فرق به ملاحظه فرمايو! حضرت ابراہيم عَلَیْهِ السَّلَام  الله پاڪ جا خليل آهن، تمام وڏي رتبي وارا نبي آهن، اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم کان پوءِ نبين ۽ رسولن ۾ سڀني کان مٿانهون درجو انهن جو ئي آهي، حضرت ابراہيم عَلَیْهِ السَّلَام   کي به مِعراج نصيب ٿيو، انهن کي زمين ۽ آسمان جي بادشاهي ڏيکاري وئي، پاڻ پٿر جي هڪ ٽَڪريءَ (rock) تي بيٺا هئا ته کين حڪم ٿيو: ابراہيم! هيٺ ڏسو! جڏهن


 

 



[1]... شانِ حبیب الرحمٰن من آیات القرآن ،صفحہ:107 بتغیرٍ قلیل۔

[2]... ذوقِ نعت، صفحہ:47-48۔