Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

توفيق عطا فرمائي.اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم۔ 

میری زبان تَر رہے ذِکْر و دَرُود سے           بےجا ہنسوں کبھی نہ کروں گفتگو فُضُول

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! شبِ معراج محبوبِ خُدا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم ڪيترائي عجائبات ڏٺا، پاڻ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم دنياوي وقت مطابق هڪ سيڪنڊ ۾ جيترا عجائبات ڏسي ورتا هئا، انهن عجائبات کي ڏسڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر اسان ڪيترن ئي ڪلاڪن ۾ ان کي بيان به نه ٿا ڪري سگهون۔ توهان اندازو لڳايو ته سيرتِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جا جڏهن ڪجهه سيڪنڊ ئي اهڙا آهن ته پوءِ پاڻ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جي پوري سيرتِ پاڪ کي بيان ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ ٿي سگهي ٿو...؟ ان ڪري ته اسان چوندا آهيون: 

زندگیاں ختم ہوئیں اور قلم ٹوٹ گئے        تیرے اوصاف کا اِک باب بھی پُورا نہ ہوا

خير! سمورا عجائباتِ معراج ته مان بيان ڪري ئي نه ٿو سگهان، ڪجهه روايتون عرض ڪيون آهن، اچو ته آخر ۾ هڪ سبق آموز روايت خاص ان لمحي جي متعلق ٻڌي وٺون ٿا، جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم الله پاڪ جي حضور ۾ قربِ خاص ۾ حاضر هئا. 

ڏينهَن کي رات  ۽ رات کي ڏينهُن بڻائي ڇڏيو ..!!

روايت آهي: شبِ معراج محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم عرض ڪيو: يَا رَبِّ!دُلَّنِي عَلٰى شَيْءٍ اَتَقَرَّبُ اِلَيْكَ  اي مالڪِ ڪريم! منهنجي اهڙي عمل ڏانهن رهنمائي فرماءِ، جنهن جي ذريعي مان تنهنجو قرب حاصل ڪري سگهان. 

هاڻي هتي ڏسو! هي سوال جواب اسان کي سيکارڻ جي لاءِ آهن، نه ته محبوب صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم  ته اڳ ۾ ئي اهڙي قربِ خاص ۾ حاضر ٿي چڪا هئا، جتي ڪوئي به پهچي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي ان کان وڌيڪ قرب جو تصور ئي ڪري سگهجي ٿو.