Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

دعا ڪرڻ سنتِ مصطفيٰ آهي

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم: اَلدُّعَاءُ سِلَاحُ الْمُؤْمِنِ يعني دعا مؤمن جو هٿيار آهي. ([1]) 

اي عاشقانِ رسول! دعا گهرڻ سُنتِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم آهي * اسان جا پيارا آقا، ٻنهي جهانن جا داتا صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم ڪثرت سان دعائون گهرندا هئا * ڪجهه مُحَدِثين سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جي مبارڪ دعائن بابت مڪمل ڪتاب به لکيا آهن، مثلاً کاڌو کائڻ جي دعا، پاڻي پيئڻ جي دعا، سمهڻ وقت پڙهڻ واري دعا، ننڊ مان اٿڻ وقت پڙهڻ واري دعا، کير پيئڻ جي دعا، ڪپڙا پائڻ جي دعا۔ مطلب ته اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم روزمره جا ڪم ڪرڻ کان پهريان به دعائون پڙهندا هئا * پاڻ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم هيءَ دعا ڪثرت سان گهرندا هئا: ([2])

رَبَّنَاۤ اٰتِنَا فِی الدُّنْیَا حَسَنَةً وَّ فِی الْاٰخِرَةِ حَسَنَةً (پارو: 2،سورة بقرة: 201)

ترجموڪنزالعرفان: اي اسان جا رب! اسان کي دنيا ۾ ڀلائي عطا ڪر ۽ اسان کي آخرت ۾(به) ڀلائي عطا فرماءِ.

سُنّت مصطفيٰ ادا ڪرڻ جي لاءِ اسان کي به ڪثرت سان دُعا گهرڻ جي عادت بڻائڻ گهرجي،

مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبـ المدينه جو شايع ٿيل بهار شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا الياس قادري  دَامَت بَرَکاتہمُ الْعَالِیہ جو 91 صفحن تي مشتمل رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سنتون سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي.


 

 



[1]... مسند ابی یعلی، جلد:2، صفحہ:123، حدیث:1812۔

[2]... بخاری، کتاب:الدعوات، صفحہ:1574، حدیث:6389۔