Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat
گناهن کان بچڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو۔ اَلْحَمْدُ للّٰہ! دعوتِ اسلامي جي تحت سڄي دنيا ۾ هزارين جاين تي آخري ڏهاڪي جو اجتماعي سُنت اعتڪاف ڪرايو ويندو آهي. توهان به ڪوشش ڪريو! سڄي مهيني جو اعتڪاف ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريو! جيڪڏهن ٿي سگهي ته عالَمي مدني مرڪز فيضانِ مدينہ (ڪراچي) ۾ اعتڪاف ڪريو! ڇوته اُتي وقت جي ڪامل ولي شيخِ طريقت، امير اہلسنت مولانا محمد الياس قادري دَامَت بَرَکاتہمُ الْعَالِیہ سان گڏ اعتڪاف ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿيندي ته ان جون برڪتون ئي نراليون هونديون۔ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! رمضان شريف ۾ گناهن کان بچڻ، نيڪيون ڪرڻ، نفلي عبادتن جو شوق وڌڻ سان گڏوگڏ تمام گهڻو علمِ دين به سکڻ لاءِ ملندو، اچو ته ترغيب جي لاءِ اجتماعي اعتڪاف جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:
گناهن ڀري زندگي ۾ بهار اچي وئي
ڊيره الله يار (صوبو بلوچستان، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته: مان پهريان گناهن جي ڌُٻَڻ ۾ ڦاٿل هئس، فلمون ڏسڻ ۽ بدنگاهي وغيره ڪرڻ منهنجا پسنديده مَشغلا هئا، هڪ دفعو هڪ عاشِقِ رسول اسلامي ڀاءُ سان منهنجي ملاقات ٿي، انهن ڏاڍي پياري انداز ۾ مون کي اجتماعي سُنت اعتڪاف ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، سندن حڪمت ڀريو ۽ پيارو انداز ڏسي منهنجي دل کي چوٽ لڳي ۽ مان رمضان المبارڪ ۾ اجتماعي اعتڪاف ۾ شرڪت لاءِ فيضانِ مدينه پهچي ويس۔ اعتڪاف جي دوران مبلغ اسلامي ڀائرن جا سُنتن ڀريا بيان، پُرسوز مناجات ۽ رِقَّت انگيز دعائن منهنجي دل جي دنيا ئي بدلائي ڇڏي، مون پنهنجي ڪيل گناهن کان توبهه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس، ان جي برڪت سان منهنجي ڪردار (Character) ۽ گفتار ۾ مثبت تبديليون (Positive Changes) اچڻ لڳيون، مون پنهنجي مٿي تي عمامي شريف جو تاج به سجائي ڇڏيو، سُنت جي مطابق ڏاڙهي شريف به رکي ڇڏي ۽ اَلْحَمْدُ للّٰہ! نمازن