Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

ته ڪائنات ٻيهر زندهه ٿي وئي ۽ هر شيءِ ٻيهر حرڪت ڪرڻ لڳي.

وہ جو نہ تھے تو کچھ نہ تھا، وہ جو نہ ہوں تو کچھ نہ ہو

جان  ہیں  وہ  جہان  کی  جان  ہے  تو  جہان  ہے ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 آيتِ معراج جي وضاحت

سيپارو: 15، سورت بني اسرائيل، آيت: 1 ۾ الله پاڪ فرمايو آهي: 

سُبْحٰنَ الَّذِیْۤ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ لَیْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَا الَّذِیْ بٰرَكْنَا حَوْلَهٗ لِنُرِیَهٗ مِنْ اٰیٰتِنَاؕ (پارو:15، سورة بني اسرائيل: 1)

ترجمو ڪنزالعرفان: پاڪ آهي اها ذات جنهن پنهنجي خاص ٻانهي کي رات جي ڪجهه حصي ۾ مسجد حرام کان مسجد اقصيٰ تائين سير ڪرايو جنهن جي چوڌاري اسان برڪتون رکيون آهن جيئن اسان ان کي پنهنجون عظيم نشانيون ڏيکاريون.

  معراج جي سفر جا 3 حصا (parts) آهن: (1): فرشِي معراج جيڪو مڪي معظمه کان مسجدِ اقصيٰ تائين آهي، اُن کي اِسراء چيو ويندو آهي (2): آسماني مِعراج جيڪو مسجدِ اقصيٰ کان سِدْرَۃُ الْمُنْتَہیٰ تائين آهي، ان کي معراج چيو ويندو آهي (3): ان کان پوءِ آهي لامڪاني مِعراج جيڪو سِدْرہ کان اڳتي لا مڪان تائين آهي، اُن کي عُرُوج چيو ويندو آهي۔ سيپارو: 15، سورت بني اسرائيل جي هيءَ آيتِ ڪريمه جيڪا اسان هاڻي ٻڌي، هن مختصر آيت ۾ معراج جي سفر جي انهن ٽنهي حصن جو ذڪر آهي. 

مشہور مُفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ هن آيت جي شرح


 

 



[1]... حدائقِ بخشش، صفحہ:178۔