Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

بچي، نيڪين واري زندگي گذارڻ وارا بڻجي وڃون. 

نہ کرنا حَشْر میں پُرسش مِری ہو بے سبب بخشش

عطا کر باغِ فردوس از پئے  شاہِ اُمَم مولیٰ!

تُو ڈر اپنا عنایت کر، رہیں اس ڈر سے آنکھیں تر

مِٹا خوفِ جہاں دل سے مِٹا دنیا کا غم مولیٰ!

تُو بس رہنا سدا راضی، نہیں ہے تابِ ناراضی

تُو نا خوش جس سے ہو برباد ہے تیری قسم مولیٰ!([1])

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

معراج جي سفر جا ڪجهه عجائبات

پيارا اسلامي ڀائرو! رسولن جي سالار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم شبِ معراج جيڪي عجائبات ڏٺا، اچو ته انهن مان ڪجھ جو ذڪر ٻڌون ۽ انهن مان سبق پِرايون: 

ڪپڙا  ڦاڙي ڇڏڻ  واري  ڪاٺي

پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جڏهن مڪي پاڪ کان روانا ٿي مسجدِ اقصيٰ ڏانهن تشريف وٺي وڃي رهيا هئا ته سفرِ معراج جي هن حصي ۾ پاڻ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم ڪيترائي عجائبات ڏٺا، مثلاً * دنيا کي تمام بدصورت پوڙهي عورت جي شڪل ۾ ڏٺائون * حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جي قبر مبارڪ جي ڀَر مان گذريا ته انهن کي مزار پاڪ جي اندر نماز پڙهندي ملاحظه فرمايائون، هڪ نصيحت آموز منظر پاڻ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم اِهو به ڏٺو ته هڪ ڪاٺي آهي، جيڪا وچ رستي تي پئي آهي، جيڪو به اتان گذري رهيو آهي، اُها ڪاٺي ان جي ڪپڙن سان اٽڪي رهي آهي ۽ سندس ڪپڙا ڦاڙي رهي آهي. 


 

 



[1]... وسائلِ بخشش، صفحہ:97-98 ملتقطاً۔