Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat
سوال ٿيو: رمضان کان پوءِ ڪهڙا روزا افضل آهن؟ فرمايائون: رمضان جي تعظيم ۾ شعبان جا روزا رکڻ.([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ للّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ شعبان شريف ۾ به روزن جي بهار هوندي آهي، مختلف جاين تي سحري اجتماعن جو به اهتمام ڪيو ويندو آهي، مَاشَآءَ اللہ! ڪيترا ئي عاشقانِ رسول ڪثرت سان روزا رکندا آهن ۽ مسلسل روزا رکندي رمضان ڪريم سان ملي ويندا آهن۔ توهان به دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! فيضانِ معراج سان گڏوگڏ شعبان شريف ۽ رمضان ڪريم جون به خوب خوب برڪتون نصيب ٿينديون الله پاڪ عمل جي توفيق نصيب فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم.
اَلْحَمْدُ للّٰہ! رمضان شريف به اچڻ وارو آهي۔ رمضان شريف تمام گهڻين برڪتن وارو مهينو آهي، هي مهينو ماهِه رحمٰن، ماهِه نزولِ قرآن ۽ ماهِه غفران آهي.
عَجِّلْ عَجِّلْ یَارمضان جان مِری تجھ پر قربان
آ بھی جا ماہِ سُبْحٰن جلدی جلدی آ رمضان
جب بھی آتا ہے رمضان جان میں آجاتی ہے جان
خوب ہے رمضاں کی بھی شان اِس میں اُترا ہے قرآن
مجھ کو مدینے میں رمضان کاش! میسر ہو رحمٰن
آجا آ بھی جا رمضان تجھ پہ فِدا عطّارؔ کی جان