Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

ان جي لاءِ آهن، جيڪو نرم گفتگو (Soft Communication) ڪري، کاڌو کارائي، مسلسل روزا رکي ۽ رات جو جڏهن ماڻهو سُتل هجن ته اٿي الله پاڪ جي لاءِ نماز پڙهي.([1]) 

نماز ۽ معراج جي ياد

پيارا اسلامي ڀائرو! نماز معراج جو تحفو به آهي ۽ مؤمن جي جي حق ۾ معراج به آهي۔ مِرْقَاۃُ المَفَاتِیْح ۾ آهي: اَلصَّلَاۃ ُمِعْرَاجُ الْمُؤْمِن  يعني نماز مؤمن جو معراج آهي. ([2]) 

 هن پياري پياري عبادت يعني نماز ۾ معراجِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جي ياد به رکي وئي آهي. جي ها! علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: معراج جي رات اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جڏهن بارگاهِه رَبُّ العِزّت ۾ حاضر ٿيا ته پاڻ عرض ڪيائون: اَلتَّحِیَّاتُ لِلّٰہِ وَالصَّلَوٰتُ وَالطَّیِّبَاتُ (يعني سموريون قولي ۽ مالي عبادتون الله پاڪ جي لاءِ ئي آهن) الله پاڪ ان جي جواب ۾ فرمايو: اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ اَیُّھَا النَّبِیُّ وَ رَحْمَۃُ اﷲ ِوَبَرَکَاتُہٗ  (سلام هجي اوهان تي اي نبي! ۽ الله پاڪ جون رحمتون ۽ برڪتون)، ان تي رسولِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم ٻيهر عرض ڪيو: اَلسَّلَامُ عَلَیْنَا وَعَلیٰ عِبَادِ اﷲ ِالصَّالِحِیْنَ (سلام هجي اسان تي ۽ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن تي). ([3]) 

جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم معراج تان واپس تشريف کڻي آيا ته پاڻ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم اُمَّت کي اَلتَّحِیَّات جي تعليم ڏني ۽ ان ۾ اهي ئي مبارڪ ڪلما سيکاريائون، ڄڻ پاڻ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: اي مومنو! نماز توهان جو معراج آهي تنهنڪري معراج ۾ مان پنهنجي رب ڪريم سان


 

 



[1]... تِرمذی، کتاب: صفۃ الجنۃ ، باب: ماجاء فی صفۃ  غرف الجنۃ ، صفحہ:597، حدیث:2527۔

[2]... مرقاۃ ُالمفاتیح،کتاب   الصلاۃ ، صفحہ:421،حدیث:746 ۔

[3]... مرآۃ المناجیح ،جلد:2،صفحہ:88۔