Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat
اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِی رَجَبٍ وَّ شَعْبَانَ وَبَلِّغْنَا رَمَضَان
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحمدُ لِلّٰہ! خوش نصيب اسلامي ڀائر ۽ ٻيا عاشقانِ رسول هڪ تعداد ۾ پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش جي مقدس جذبي سان سرشار ٿي قافلن ۾ سفر ڪندا رهندا آهن۔ هُونئن ته هي ڏاڍو مشڪل ڪم آهي پر ياد رکو نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ ان جي رستي ۾ تڪليفون برداشت ڪرڻ نبين جي سنت آهي * انبياءِ ڪِرام * صحابهءِ ڪِرام * ۽ نيڪ ماڻهو، نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي گهرن مان نڪري * ڏورانهن علائقن ۾ ويندا هئا * هجرت ڪندا هئا ۽ * تڪليفون برداشت ڪري دين جو پيغام عام ڪندا هئا * اڳين جي قربانين سان ئي اسان تائين دين پهتو آهي.
توهان به قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي نيت ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون ملنديون * قافلي ۾ فرض علمِ دين سيکاريو ويندو آهي * سنتون سيکاريون وينديون آهن * تَہَجُّد پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي * نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي * قافلي جي برڪت سان دعائون پوريون ٿيڻ ۽ مشڪلاتون دور ٿيڻ ۽ بيمارين کان شفا حاصل ٿيڻ جا به سوين واقعا آهن * ايئن به ٿيو آهي جو قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول جي حوصلا افزائي جي لاءِ پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم ڪرم فرمائي، خواب ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ شرڪاءِ قافله کي پنهنجي ديدار جو جام پياريو۔ الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد