Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

هيٺ ڏٺائون ته ست ئي زمينون ۽ انهن ۾ موجود قدرت جون نشانيون کين نظر اچي ويون، پوءِ ٻيهر حڪم ٿيو: مٿي ڏسو! پاڻ مٿي ڏٺائون ته ست ئي آسمان ڏسي ورتائون. ([1]) الله پاڪ فرمائي ٿو: 

وَ كَذٰلِكَ نُرِیْۤ اِبْرٰهِیْمَ مَلَكُوْتَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ (پارو:7، سورة انعام: 75)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ اهڙي طرح اسان ابراہيم کي آسمانن ۽ زمين جي عظيم بادشاهي ڏيکاريون ٿا.

اِهو حضرت ابراہيم عَلَیْهِ السَّلَام  جو مِعراج هو پر حبيب ۽ خليل جو فرق ڏسو! حضرت ابراہيم عَلَیْهِ السَّلَام کي آسمان ۽ زمين جي بادشاهي ڏيکارڻ منظور ٿي ته هڪ پٿر تي بيهاري ڏيکاري وئي پر جڏهن پنهنجي حبيب (صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم) جو وارو آيو ته * جنت سينگاري ويئي * آسمان ۽ زمين ۾ خوشيون ملهايون ويون * حضرت جبرائيلِ امين عَلَیْهِ السَّلَام ملائڪن جي ڄڃ ساڻ ڪري، جنتي سواري بُراق (Buraq) سان گڏ حاضر ٿيا * ۽ الله پاڪ پنهنجي محبوب ڪريم صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم کي آسمانن تي بلڪه ستن آسمانن کان به مٿي گهرايو ۽ پنهنجي قدرت جون عظيم نشانيون ڏيکاريون، اِهو آهي حبيب صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جو شان...!!۔ 

قربان میں شان و عظمت پر، سوئے ہیں چین سے بستر پر

جبریلِ امیں حاضِر ہو کر معراج کا مژدہ سُناتے ہیں

اللہ کی رحمت سے سَرور جا پہنچے دنیٰ کی منزل پر

اللہ کا جلوہ بھی دیکھا، دِیدار کی لذّت پاتے ہیں([2])

حرفِ  با  جي هڪ معنيٰ

علماءِ ڪرام تمام پياري ڳالهه لکن ٿا: الله ڪريم فرمايو: 


 

 



[1]... تفسیرِ صراط الجنان،پارہ:7 ،سورۂ انعام،زیرِ آیت:75 ،جلد:3 ،صفحہ:141-142 بتغیرقلیل۔

[2]... وسائلِ بخشش،صفحہ:286۔