Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat
ويو ته جيئن کين الله پاڪ جون نشانيون ڏيکاريون وڃن۔ هن ۾ اسان غلامانِ مصطفيٰ تي به ڪرم نوازي جو هڪ پهلو آهي۔
امام فخر الدِين رازي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ نهايت ايمان افروز نقطو لکيو آهي سندن فرمان جو خلاصو آهي ته: جڏهن ڪا شيءِ اوچتو ٻانهي جي سامهون ايندي آهي، جيتوڻيڪ ماڻهو کي ان جي باري ۾ اڳواٽ ئي خبر هجي، ان کي ڄاڻيندو به هجي پر پوءِ به ڪجهه دير جي لاءِ ماڻهو جي دل ان شيءِ ۾ مشغول ٿي ويندي آهي، سندس ڌيان ان شيءِ ڏانهن ڇڪجي ويندو آهي، رسولِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جنت ۽ ان جي نعمتن جو به علم رکندا آهن، دوزخ ۽ اتان جي عذابن جو به علم رکندا آهن پر الله پاڪ قيامت اچڻ کان پهريان ئي کين جنت جون نعمتون ۽ دوزخ جون هولناڪيون ڏيکاري ڇڏيون ته جيئن قيامت جي ڏينهن جڏهن جنت ۽ دوزخ کي سامهون آندو وڃي ته پاڻ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جي دل ان طرف مشغول نه ٿئي پر سندن پوري توجهه پنهنجي غلامن ڏانهن رهي ۽ انهن جي شفاعت ۾ مصروف رهن.([1])
مِعْراج کی شَب تو یاد رکھا، پھر حشر میں کیسے بھولیں گے
عطّار اسی اُمّید پہ ہم دِن اپنے گزارے جاتے ہیں([2])
اللهُ اَکْبَر! ڪمال ئي ڪمال آهي، الله ڪريم ۽ ان جا پيارا محبوب صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم اسان گنهگارن جو ڪيتري حد تائين خيال ڪري رهيا آهن پر افسوس! هڪ اسان گنهگار آهيون * جو اسان کي پاڻ ئي پنهنجو فڪر نه آهي* اسان پنهنجي بخشش ۽ مغفرت جو فڪر نه ڪري رهيا آهيون * چاهيندي يا نه چاهيندي به نفس ۽ شيطان جي چنبي ۾ ڦاسي ويندا آهيون * گناهن ۾ مشغول ٿي ويندا آهيون۔ الله پاڪ اسان کي عقلِ سليم عطا فرمائي. ڪاش! اسان الله پاڪ جا شڪرگذار ٻانها بڻجي وڃون ۽ گناهن کان