Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat
مان نڪرڻ وارن لفظن کي نانگ (Snake) جي شڪل ۾ ڏيکاريو ويندو آهي۔ امام اِبنِ سيرين رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ علمِ تعبير جا تمام وڏا امام آهن۔ پاڻ فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪو شخص خواب ۾ ڏسي ته ان جي وات مان نانگ نڪتو آهي ته ان جي تعبير هيءَ آهي ته سندس زبان مان اهڙو لفظ نڪرندو، جيڪو ان جي لاءِ تڪليف جو باعث بڻجندو. ([1])
اللہ! اللہ! اي عاشقانِ رسول! غور ته ڪريو! نانگ زهريلو جانور آهي، بلڪل اهڙي طرح اسان جي زبان به خطرناڪ ترين عضوو آهي، زبان کي 32 ڏندن جي پهري ۾ رکيو ويو آهي، ان جي باوجود به اِها قابو ۾ نه ايندي آهي، جڏهن اها زهر اوڳاڇيندي آهي ته صرف جان کي ئي نه پر ڪڏهن ڪڏهن ايمان کي به سخت نقصان پهچائيندي آهي.
حضرت اَسوَد رَضِیَ اللہُ عنہ صحابيءِ رسول آهن، پاڻ فرمائن ٿا: مون الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ عرض ڪيو: يارسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم! مون کي نصيحت فرمايو! سرورِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا تون پنهنجي زبان تي قابو رکي سگهين ٿو؟ مون عرض ڪيو: جيڪڏهن مان پنهنجي زبان تي به قابو نه رکي سگهان ته پوءِ ڪهڙي شيءِ تي قابو رکي سگهندس؟ سردارِ انبياء، محبوبِ خُدا صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا تون پنهنجي هٿن تي قابو رکي سگهين ٿو؟ مون وري عرض ڪيو: يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم! جيڪڏهن مان پنهنجي هٿن تي به قابو نه رکي سگهان ته پوءِ ٻي ڪهڙي شيءِ تي قابو رکي سگهندس۔ هاڻي آقاءِ نامدار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: بس پوءِ پنهنجي زبان مان هميشه سٺي ڳالهه ئي چئه ۽ تنهنجا هٿ ڀلائي کانسواءِ ڪنهن ٻي شيءِ جي لاءِ نه اٿن. ([2])