Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat
پيار اسلامي ڀائرو! ڪجهه ضروري اعلانات ٻڌي وٺو. * هر ڇنڇر تي اميرِ اہلسنت دَامَت بَرَکاتہمُ الْعَالِیہ مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ ڇنڇر تي به مدني چينل تي عشاء جي نماز کان پوءِ (تقريباً 8 وڳي) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو. جنهن ۾ شيخِ طريقت اميرِ اہلسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَت بَرَکاتہمُ الْعَالِیہ سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا۔ سڀئي ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين. * رمضان ڪريم هڪ مقدس مهينو آهي، جنهن ۾ مسلمان روزا رکي الله پاڪ جي حڪم کي بجا آڻيندا ۽ الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هن مهيني جي فضائل، اعمال ۽ روزي جي مسئلن کي اميرِ اهلسنت دَامَت بَرَکاتہمُ الْعَالِیہ تمام آسان انداز ۾ تحرير فرمايو آهي. ڪتاب جو نالو آهي: فيضانِ رمضان. اميرِ اهلسنت دَامَت بَرَکاتہمُ الْعَالِیہ ماهِ رمضان جي اچڻ کان پهريان هن ڪتاب کي پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن. پاڻ به مطالعو ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏيو. هي ڪتاب 1000 روپين ۾ مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان قيمتاً حاصل ڪري سگهجي ٿو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي گذارڻ جا ڪجھ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت. شهنشاههِ نبوت صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ (يعني جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو). ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا