Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat
ہے خُلْد کا جوڑا زیبِ بدن، رَحْمت کا سجا سہرا سَر پر
کیا خوب سُہانا ہے منظر، معراج کو دولہا جاتے ہیں([1])
دنيا جو سڀ کان ڊگهو ...! پر مختصر ترين سفر
پيارا اسلامي ڀائرو! منهنجي ۽ توهان جي پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ، معراج جي گهوٽَ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جو معراج وارو سفر دنيا جو سڀ کان ڊگهو (longest) ۽ انتهائي ننڍو (Very short) سفر آهي۔ هي مبارڪ سفر ايترو ته ڊگهو آهي جو پاڻ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم * مڪي معظمه کان هليا * مسجدِ اقصيٰ تشريف فرما ٿيا * پوءِ اتان پهرين آسمان تي* پوءِ ٻئي * ٽئين * چوٿين * پنجين * ڇهين * ۽ ستين آسمان تي پهتا * اتان کان سِدْرَۃُ الْمُنْتَہیٰ تي تشريف وٺي آيا * پوءِ ان کان اڳتي مقامِ مُستویٰ * پوءِ عرشِ عُليٰ * پوءِ ان کان به اڳتي لامڪان ڏانهن تشريف وٺي ويا. هي لکين ڪلوميٽرن جو سفر آهي ۽ آسمانن جو جيڪو سفر آهي، سائنس ۾ ان جي ماپ روشني جي رفتار (Speed of light) سان ڪئي ويندي آهي. سائنسي تحقيق موجب هن وقت تائين ڪائنات ۾ سڀ کان تيز رفتار شيءِ روشني آهي۔ روشني هڪ سيڪنڊ ۾ 3 لک ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪندي آهي ۽ سج جي روشنيءَ کي زمين تائين پهچڻ ۾ 8.3 منٽ لڳندا آهن، يعني سج کان زمين تائين 14 ڪروڙ 94 لک ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي ۽ سج هن وقت پهرين آسمان کان به هيٺ آهي، سيدي اعليٰ حضرت رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: * زمين کان سِدْرَۃُ الْمُنْتَہیٰ جو فاصلو 50 هزار سالن جو رستو آهي* ان کان اڳتي مُسْتَویٰ * ان کان اڳتي جو الله پاڪ ئي ڄاڻي * ان کان اڳتي عرش جا 70 حجاب آهن* هر حجاب کان ٻئي حجاب تائين 500 سالن جو فاصلو