Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

صحت جو به ضامن آهي۔ اَلْحَمْدُ للّٰہ! رجب شريف جو مبارڪ مهينو پنهنجون برڪتون لُٽائي رهيو آهي، نفلي روزن جي ڄڻ موسمِ بهار هلي رهي آهي، اسان کي گهرجي ته هنن بابرڪت ڏينهن مان فائدو حاصل ڪندي خوب روزا رکون، نيڪيون به ڪمايون ۽ روزو رکڻ جي فضيلت جا حقدار به بڻجون۔ سڀاڻي جيئن ته 27 رجب شريف آهي تنهنڪري اچو ته 27 رجب شريف جي روزي جون فضيلتون ٻڌون ٿا: * حضرت ابوہريرہ رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: جيڪو 27 رجب جو روزو رکندو آهي، الله پاڪ ان جي لاءِ سٺ مهينن جي روزن جو ثواب لکندو آهي. ([1]) * حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مَدَني صَلَّی اللہُ عَلیہ وَآلہٖ و َسَلَّم فرمايو: رجب ۾ هڪ ڏينهن ۽ رات آهي جيڪو ان ڏينهن جو روزو رکي ۽ رات جو قِيام (عبادت) ڪري ته ڄڻ ان 100 سالن جا روزا رکيا ۽ اُها رجب جي 27 ستاويهين تاريخ آهي. ([2])

شعبان جي روزن جي فضيلت

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد للہ! شعبان شريف به تشريف کڻي اچڻ وارو آهي۔ هي مهينو به وڏين برڪتن ۽ عظمتن وارو آهي، پيارا آقا، مڪي مَدَني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم هن مهيني ۾ ڪثرت سان نفلي روزا رکندا هئا۔ هن ماهِه ذيشان ۾ به نفلي روزن جي ڪثرت جو ذهن بڻايو! مسلمانن جي پياري اَمِي جان حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللہُ عنہا فرمائن ٿيون: پياري آقا، مڪي مَدَني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم کي مون شعبان شريف کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن مهيني ۾ روزا رکندي نه ڏٺو، پاڻ صَلّی اللہُ عَلَیْہ وآلِہ وسَلَّم ڪجهه ڏينهن کان علاوه سڄي مهيني جا روزا رکندا هئا. ([3]) (4): هڪ دفعو پاڻ ڪريم صَلّی اللہُ عَلَیْہ وآلِہ وسَلَّم جي خدمت ۾


 

 



[1]... فضائل شہر رجب للخلال، صفحہ:76، حدیث:18۔

[2]... شعب الایمان،باب الصیام، فصل فی تخصیص شہر رجب...الخ، جلد:3صفحہ:374،حدیث:3811۔

[3]... ترمذی، کتاب:الصوم، باب:ماجاء فی وصال شعبان برمضان، صفحہ:206، حدیث:736۔