Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

آهي.([1]) هي ڪُل ملائي 35 هزار سالن جو فاصلو ٿيو، 35 هزار سالن جو اِهو رستو، 50 هزار سالن جو رستو زمين کان سِدْرَۃُ المنتہیٰ تائين، 35 ۽ 50 = 85 هزار سالن جو فاصلو ٿيو* ۽ سِدْرَۃُ الْمُنْتَہیٰ کان عرش جي حجابن تائين ڪيترو فاصلو آهي، اهو ڪير به نه ٿو ڄاڻي، حضور صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم عرش کان اڳتي، ڪيسيتائين تشريف وٺي ويا، ان کان به ڪير واقف نه آهي، مطلب ته معراج جا گهوٽ، سرورِ انبياء صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم ايترا هزارين لکين سال پري ويا به، واپس به موٽي آيا. مطلب ته اِها هن سفر جي ڊيگهه آهي جو ايڏو وڏو ڊگهو سفر جيڪو ڪيترن ئي ڪروڙين ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي۔ وري ان سان گڏ انتهائي حيرت جي ڳالهه هيءَ آهي ته هِي دنيا جو سڀ کان ڊگهو سفر انتهائي مختصر به هو، پاڻ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم لامڪان ۾ تشريف  وٺي ويا ۽ واپس به موٽي آيا ۽ وقت ڪيترو گذريو هو؟ صرف چند سيڪنڊ (Second)، بسترو مبارڪ اڃان گرم هو، دروازي جو ڪَڙو اڃان لُڏِي رهيو هو.

تفصیل سے کی سیر مگر اِس پہ یہ طُرّہ        اِک پل میں یہ طے ہو گیا رستہ شبِ مِعْرَاج

زنجیر درِ پاک کی ہِلتی ہوئی پائی                  اور گرم تھا وہ بستر اعلیٰ   شبِ مِعْرَاج([2])

هڪ شاعر هتي تمام سٺي ڳالهه چئي آهي، لکيو اٿائين ته:   

رُک گئی ہے آج نبضِ جہاں                   اُن کی ہستی نکل گئی ہو گی

 وضاحت: اصل ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جا آقا ۽ موليٰ، مُحَمَّدِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم ڪائنات جو روح آهن، روح نڪري وڃي ته جسم رڪجي ويندو آهي، اهڙي طرح جڏهن روحِ ڪائنات، فَخرِ مَوجُودات صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم هن ڪائنات مان نڪري لامڪان ڏانهن تشريف وٺي ويا ته ڪائنات رڪجي وئي، هر شيءِ تي سڪتو طاري ٿي ويو، پوءِ جڏهن پاڻ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم واپس تشريف کڻي آيا


 

 



[1]... ملفوظات اعلی حضرت، صفحہ:439۔

[2]... قبالۂ بخشش، صفحہ:126۔