Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام سان بلند درجي ۾ هوندا، مونکي جيڪڏهن جنّت ۾ وڃڻ نصيب ٿي به ويو، پوءِ به اوهان کان پري رهندُس، ديدار نه ٿي سگهندو ته ڇا ڪندُس؟

    سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عاشق جي درد ڀري آرزو اڃان ٻڌي ئي رهيا هئا ته حضرت جبريل امين عَلَيهِ السَّلَام حاضر ٿي  سيپاري: 5 سورة نساء جي هي آيت پڙهي ٻڌائي،[1] ته الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ مَنْ یُّطِعِ اللّٰهَ وَ الرَّسُوْلَ فَاُولٰٓىٕكَ مَعَ الَّذِیْنَ اَنْعَمَ اللّٰهُ عَلَیْهِمْ مِّنَ النَّبِیّٖنَ وَ الصِّدِّیْقِیْنَ وَ الشُّهَدَآءِ وَ الصّٰلِحِیْنَۚ-وَ حَسُنَ اُولٰٓىٕكَ رَفِیْقًاؕ(۶۹)  (سيپارو: 5، سورة نساء آيت 69)

ترجمو ڪنزالعرفان:  ۽  جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت ڪري ته اهو انهن ماڻهن سان گڏ هوندو جن تي الله فضل ڪيو يعني انبياء ۽ صديق ۽ شهيد ۽ صالح ۽ هي ڪيترا سٺا ساٿي آهن.

ہر وقت جہاں سے کہ انہیں دیکھ سکوں میں                جنت میں مجھے ایسی جگہ پیارے خدا دے

سکرات میں گر رُوئے محمد پہ نظر ہو                              ہر موت کا جھٹکا بھی مجھے پھر تو مزا دے

جب حشر میں آقا نظر آئیں مجھے اے کاش!                 بے ساختہ قدموں میں مرا شوق گرا دے[2]

شربتِ ديد  ويتر  باه  لڳائي دل ۾

   پيارا اسلامي ڀائرو! حسنِ مصطفٰي نرالو حسن آهي، دنيا جي سهڻي کان سهڻي شيءِ هجي، ماڻهو ان کي ڏسندو رهي، هڪ ڀيرو ڏسندو، ٻه ڀيرا ڏسندو، هزار ڀيرا ڏسندو، آخرڪار هڪ وقت ايندو جو دل ان کي ڏسڻ سان ڀرجي ويندي پر رسولِ انور، شاھِ بحروبَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نوراني چهرو اهڙو حَسين آهي جو ان کي ڏسڻ سان دل ڀرجي ئي نه ٿي، جيڪو هڪ ڀيرو ڏسي وٺي، ان کي بار


 

 



[1] ...شعب الایمان ،جلد:2 ،صفحہ:131 ،حدیث:1380 ملتقطاً۔

[2] ...وسائلِ بخشش، صفحہ:120ملتقطاً۔