Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

قربان مَیں اُن کی بخشش کے، مقصد بھی زباں پر آیا نہیں      بِن مانگے دیا اور اتنا دیا، دامن میں ہمارے سمایا نہیں

اُن کا تو شعار کریمی ہے، مائل بہ کرم ہی رہتے ہیں             جب یاد کیا اے صَلِّ عَلیٰ، وہ آ ہی گئے تڑپایا نہیں

   حضرت محمد بن سعيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ ذيشان ٻڌي ڪري مونکي حَيا آئي ته ڪٿي منهنجو منهن ۽ ڪٿي حُضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا پيارا پيارا، سهڻا سهڻا چَپَ...!! هي سوچي ڪري مون شرم سان پهنجو چهرو جهڪائي ورتو، هاڻي سراپا حسن و جمال، بي بي آمنه جي لال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ منهنجي ڳلَ کي چُمي ڏنائون...!!

ارمان زَدوں کی ہیں تمنائیں بھی پیاری                 ارمان نکالا تو کس ارماں سے نکالا[1]

   حضرت محمد بن سعيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي هن عنايت سان نوازيو ئي هو ته منهنجي اک کلي وئي، منهنجي گهر واري (Wife) جيڪا ويجهو ئي ستل هئي، اها به جاڳي پئي، اسان جو گهر پاڪيزه نبي، مڪي مدني، رسولِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خوشبوئن سان مهڪي رهيو هو ۽ ڳلُ ته 8 ڏينهن تائين مهڪندو رهيو. [2]

وہ جس رَہ سے گزرتے ہیں، بسی رہتی ہے مُدَّت تک

نصیب اُس گھر کے جس گھر میں ٹھہریں میہماں ہو کر[3]

   اي عاشقانِ رسول! ڏٺو توهان درودِ پاڪ جي برڪت سان حضرت محمد بن سعيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تي ڪهڙو ڪرم ٿيو...! الله پاڪ اسان کي به ڪثرت سان درودِ پاڪ پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .


 

 



[1] ...ذوقِ نعت، صفحہ:60۔

[2] ...القول البدیع، صفحہ:140-141۔

[3] ...ذوقِ نعت، صفحہ:130۔