Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

بار ڏسڻ جي خواهش ٿيندي آهي ۽ جيڪو باربار ڏسي، ان جي به اڃ ناهي لهندي. صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم صبح شام ديدار جي لذّت جي سعادت ماڻيندا هئا، پر پوءِ به هڪ ئي خواهش هوندي هئي ته بَس رُخِ انور کي ڏسندا ئي رهون، هي جلوو ڪڏهن به اکين کان پري نه ٿئي.

شربتِ دید نے اور آگ لگا دی دِل میں               تپشِ دِل کو بڑھایا ہے، بجھانے نہ دیا[1]

  حضرت ثُمامه بن اُثال يمامي جيڪي يمامه وارن جا سردار هئا، ايمان آڻي ڪري

چوڻ لڳا: الله پاڪ جو قسم! منهنجي ويجهو سڄي زمين تي ڪو چهرو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چهري کان وڌيڪ ناپسند نه هو. اڄ اهو ئي چهرو مونکي سڀني چهرن کان وڌيڪ محبوب آهي. الله جو قسم! منهنجي ويجهو ڪو دين پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دين کان وڌيڪ بُرو نه هو هاڻي اهو ئي دين منهنجي ويجهو سڀني دينن کان وڌيڪ محبوب آهي. الله جو قسم! منهنجي ويجهو ڪو شهر پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شهر کان وڌيڪ ناپسند نه هو. الله پاڪ جو قسم! هاڻي اهو ئي شهر منهنجي ويجهو سڀني شهرن کان وڌيڪ محبوب آهي.[2]

دِکھا دِیجئے شہا پُر نور چہرہ                                       صفت میں جس کی وَالشَّمْس  اور ضُحٰی ہے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 * مسلمانن جا پهريان خليفا، حضرت ابوبڪر صِدّيق رَضِىَ اللهُ عَنْه جيڪي يارِ غار به آهن، يارِ مزار به آهن، پاڻ فرمائن ٿا: مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چهري کي ڏسندو رهڻ مونکي گهڻو پسند آهي[3] * حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه اصحابِ صُفّه


 

 



[1] ...  سامانِ بخشش،صفحہ:71 ۔

[2] ... بخاری، کتاب المغازی، باب وفد بنی  حنیفۃ، صفحہ:1086، حدیث:4372۔

[3] ... الریاض النضرۃ ،جزء:1 ،صفحہ:52 ۔