Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

جس کا حُسن اللہ کو بھی بَھا گیا                                  ایسے پیارے سے مَحبت کیجئے

ازلي ڪافرَ حُضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏسي ئي نه سگهيا

  ها! ابو لهب، ابوجهل وغيره ازلي ڪافر، جيڪي ضدي هئا، هٺيلا هئا، جن جي دل ۾ بغض هو، دشمني هئي، اصل ۾ هي بدبخت حُضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏسي ئي نه سگهيا، انهن جي دلين تي ڪاراڻ ايتري چڙهيل هئي جو هي مصطفٰي جي چهري تي چمڪندڙ نورِ نبوت ڏسي نه سگهيا، الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ تَرٰىهُمْ یَنْظُرُوْنَ اِلَیْكَ وَ هُمْ لَا یُبْصِرُوْنَ(۱۹۸)   (سيپارو: 9، سورة اعراف: آيت 198)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ توهان انهن کي ڏسو (ته ايئن لڳندو) جو اهي توهان ڏانهن ڏسي رهيا آهن حالانڪه انهن کي ڪجھ ڏسڻ نه ٿو  اچي.

   تفسيرِ صراطُ الجنان ۾ آهي: هن آيت مان معلوم ٿيو ته صرف ظاهري نظرن سان حُضور پُر نور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏسي وٺڻ حقيقي طور تي فائدي مند ناهي بلڪه نگاھِ بصيرت سان ڏسڻ فائدي مند آهي، اهو ئي سبب آهي جو ابوجهل جي پٽ حضرت عڪرمه رَضِىَ اللهُ عَنْه نگاھ بصيرت سان حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ديدار ڪيو ته ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان به ٿيو ۽ صحابيت جي اعلٰي درجي تي فائز به ٿيو  پر خود ابو جهل صرف ظاهري نگاھن سان ڏسندو رهيو، لهٰذا ان کي نه بدبختي کان نجات ملي، نه هدايت نصيب ٿي ۽ هي هميشه جي لاءِ جهنّم جو حقدار بڻيو. [1]

آنکھ والا تِرے جوبن کا تماشا دیکھے                     دِیدۂِ کور کو کیا آئے نظر کیا دیکھے؟ [2]


 

 



[1] ... تفسیر صراط الجنان،پارہ :9 ، سورۂ اعراف ،تحت  الآیۃ:198 ،جلد:3 ،صفحہ:502  بتغیرٍ ۔

[2] ... فیضانِ رمضان، صفحہ:179۔