Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

ايمان دل ۾ گهر ڪري ويو

   حضرت ابو رافع رَضِىَ اللهُ عَنْهم ڪي شريف ۾ رهندا هئا، هڪ دفعي قريش جي ڪافرن انهن کي قاصد بڻائي ڪري آقا ڪريم جي بارگاھ ۾ موڪليو، فرمائن ٿا: جڏهن مان پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمتِ باسعادت ۾ حاضر ٿيس، بس نوراني چهري تي نظر پوڻ جي دير هئي جو اسلام منهنجي دل ۾ لهي ويو.[1]

   حضرت حارث بن عَمۡرو سهمي رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: رسولِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منٰي شريف ۾ تشريف فرما هئا، مان خدمت ۾ حاضر ٿيس، مون ڏٺو: اتي ڳوٺاڻا ماڻهو (Villagers) اچي رهيا هئا، جيڪو به پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پُر نور چهري کي ڏسندو هو، اهو پڪاري چوندو هو: ہٰذَا وَجْہٌ مُبَارَکٌ  هي نهايت ئي برڪت وارو چهرو آهي.[2]

   حضرت ابو رُمثه تميمي رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي پٽ کي ساڻ وٺي حاضر ٿيا، ماڻهن کان پڇيائون: رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪٿي تشريف فرما آهن؟ جڏهن ماڻهن ٻڌايو ته فرمائن ٿا: مون جيئن ئي آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نوراني چهري کي ڏٺو ته منهنجي واتان بي اختيار نڪتو: ہَذَا نبیُ اللہ  هي ته الله پاڪ جا نبي آهن. [3]

دیکھنے والے کہا کرتے ہیں: اللہ! اللہ!                 یاد آتا ہے خُدا دیکھ کے صُورت تیری [4]

   الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! هي آهي ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي برڪت...!! جيڪو ڏسندو آهي، جيڪڏهن حقيقي بدبخت نه هجي ته پڪاريندو آهي: هي واقعي سچا نبي آهن. معلوم ٿيو: حُسنِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا بيشمار ڪمالات آهن، انهن مان هڪ نرالو ڪمال هي به آهي ته حُسنِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حُسنِ هدايت آهي.


 

 



[1] ...ابو داؤد ،کتاب الجہاد ،باب فی الامام یستجن بہ  فی العہود ،صفحہ: 441 ،حدیث:2758۔

[2] ...ابو داؤد ،کتاب المناسك ،باب فی المواقیت ،صفحہ:283 ،حدیث:1742۔

[3] ...شمائل ِ محمدیہ ،باب ما جاء فی شیب رسول اللہ ،صفحہ:25 ،رقم:43۔

[4] ...ذوقِ نعت ،صفحہ :248۔