Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

کي توبھ جي توفيق ملندي آهي * ڪافر جيڪڏهن زيارت سان مشَرَّف ٿئي ته ايمان جي توفيق ماڻيندو آهي * جيڪڏهن عورت کي خواب ۾ ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شرف ملي ته ان کي بلند رتبو ملندو آهي، عِفَّت ۽ پاڪدامني ۽ نيڪ اولاد نصيب ٿيندو آهي * يتيم يا غريب مصطفٰي جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏسن ته بلند مقام حاصل ڪندا آهن * جيڪڏهن ڊاڪٽر کي ديدارِ مصطفٰي نصيب ٿئي ته ان جي هٿ ۾ شفا رکي ويندي آهي، ماڻهو ان کان نفعو حاصل ڪندا آهن * مريض کي ديدارِ مصطفٰي نصيب ٿئي ته شفا ماڻيندو آهي * جيڪو حاجي نه هجي ان کي ديدارِ مصطفٰي نصيب ٿئي ته حج جي سعادت ماڻيندو آهي.

   سرور عالم، نورمُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي خواب ۾ ڏسڻ جون برڪتون صرف خواب ڏسڻ واري کي ئي ناهن ملنديون بلڪه ڪجھ صورتن ۾ تمام مسلمانن کي ان جون برڪتون ملنديون آهن * مثال طور ڪو مسافر آهي، سفر جي حالت ۾ پريشاني هجي، مثال طور قافلو صحراء ۾ هجي، پاڻي نه ملي رهيو هجي، اهڙيءَ صورت ۾ ڪنهن کي ديدارِ مصطفٰي نصيب ٿئي ته هي سڀني جي لاءِ بارش وسڻ ۽ پريشانيءَ کان ڇوٽڪاري جو دليل آهي * اهڙيءَ طرح قحط ۽ ڏڪار واري شهر ۾ ڪنهن کي ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نصيب ٿئي ته دليل آهي شهر مان ڏڪار ختم ٿيندو * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪنڌ مبارڪ جي زيارت ٿئي ته  دليل آهي ملڪ جو حاڪم سخي ٿيندو * جيڪڏهن رسولِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هٿ مبارڪ جون کليل آڱريون خواب ۾ ڏسي ته دليل آهي ته ملڪ جو حاڪم رزق ورهائيندو ۽ خواب ڏسڻ وارو حج جو شرف حاصل ڪندو.[1]

بيان جو خلاصو

   سبحان الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي باري ۾ ٻڌو! غور فرمايو! مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ديدار جون


 

 



[1] ... سعادۃ الدارین، صفحہ :425 -427 ملتقطاً۔