Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

ڪو به نئون صحابي نه ٿو بڻجي سگهي، ڇو...؟ ان ڪري جو رُخِ مصطفٰي جنهن جي برڪت سان صحابي بڻجندا هئا، اهو پُر نور چهرو هاڻي دنيا ۾ ظاهري طور تي تشريف فرما ناهي.

گَهڙي کن جو ديدار نرالو بڻائي ڇڏيندو آهي

  اي عاشقانِ رسول! هاڻي هتي ٿورو غور فرمائيندا! قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ اسان جو هي مضبوط عقيدو (Strong Belief) آهي ته ڪو به وڏي کان وڏو ولي، وڏي کان وڏو غوث، قطب، ابدال، ڪو به وڏي کان وڏي مرتبي وارو به ڪنهن صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي قدمن جي برابر به هرگز نه ٿو ٿي سگهي. مثال طور هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْها هي، ان  جنگ جي موقعي تي ايمان آندو، ڪلمو پڙهيائين، جنگ جاري هئي، جنگ ۾ شريڪ ٿيو ۽ شهيد ٿي ويو. ان  ڪا نماز نه پڙهي، روزا نه رکيا، حجَ نه ڪيائين، وقت نه مليو، هيڏي ايمان قبول ڪيائين، هوڏي شهيد ٿي ويو.[1]

   ٻئي پاسي قيامت تائين اچڻ وارا  اولياءِ ڪرام آهن وڏا وڏا عبادت گذار آهن اهڙا خوش نصيب جنهن سالن جا سال عبادتون ڪيون راتين جون راتيون الله پاڪ جي ياد ۾ جاڳي ڪري گذاري ڇڏيون 40، 40 سال عشاء جي وضوءَ سان فجر جي نماز ادا ڪرڻ وارا سالن جا سال روزا رکڻ وارا هزار ڀيرا قرآنِ پاڪ ختم ڪرڻ وارا وڏي وڏي مرتبي وارا اولياءِ ڪاملين آهن، انهن مان ڪو به ان صحابيءَ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي برابر نه ٿو ٿي سگهي.

  آخر ڇا سبب آهي؟ هڪ پاسي ايڏيون عبادتون، ٻئي پاسي صرف ڪجھ ڪلاڪن جي ايمان واري زندگي...؟ هي سالن جا سال محنتون ان ڪجھ ڪلاڪن جي ايمان واري زندگي جي برابر ڇو نه ٿيون ٿي سگهن؟

 سبب هڪ ئي آهي، اهي صحابي آهن، انهن ايمان جي حالت ۾ ڪجھ ڪلاڪ ئي گذاريا پر ديدارِ مصطفٰي نصيب ٿيو آهي، انهن وٽ ديدارِ مصطفٰي واري اها


 

 



[1] ...مدارج النبوت، قسم سوم، وصل اہل خیبر،جزء:2 ،صفحہ:240 ملخصاً۔