Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

فرما کے شَفاعت مِری اے شافِعِ محشر!               دوزخ سے بچا کر مجھے جنت میں بسانا

ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو  شوق

   پيارا اسلامي ڀائرو! خواب ۾ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ديدار جو شرف ماڻڻ يقيناً اسان جي وَس ۾ ناهي، هي انهن جو ڪرم، انهن جي عنايت آهي، جنهن کي چاهيندا آهن نوازيندا آهن البت شوق ته اسان کي هجڻ ئي گهرجي، هي تڙپ ته هجي ته ڪاش! هزار ڀيرا ڪاش! ڪنهن ڏينهن درودِ پاڪ پڙهندي پڙهندي اکيون بند هجن، سُتل قسمت انگڙائي ڏئي ڪري جاڳي پئي ۽ ڪاش! هزار ڀيرا ڪاش! جو اسان جا پيارا پيارا آقا، جان کان عزيز آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي غلام جي بگڙي بڻائڻ خواب ۾ تشريف کڻي اچن.

دیدار کے قابِل تو نہیں چشمِ تمنّا                            لیکن وہ کبھی خواب میں آئیں تو عجب کیا

   مسلمانن جا ٻيا خليفا حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ ڀيري پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جدائيءَ ۾ غمگين ٿي ڪري عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان! اوهان کجيءَ جي ٿُڙَ سان ٽيڪ لڳائي ڪري خطبو ارشاد فرمائيندا هئا، پوءِ اوهان جي لاءِ منبر ٺهرايو ويو، اوهان منبر تي تشريف فرما ٿيا ته اهو کجيءَ جو ٿُڙُ اوهان جي جُدائي برداشت نه ڪري سگهيو ۽ اهو زارو قطار رُنو. يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ان ٿُڙَ جي نسبت اوهان جي امّت جو وڌيڪ حق آهي ته اها اوهان جي جدائي ۽ وڇوڙي ۾ لڙڪ وهائي.[1]

   حضرت زيد بن اسلم رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ رات مسلمانن جا ٻيا خليفا حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه عوام جي سارَ سنڀارَ جي لاءِ مديني جي


 

 



[1] ... فیضانِ فاروقِ اعظم، جلد:1 ،صفحہ :586۔