Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

حافظِ قرآن بڻائڻ ۽ ناظره پڙهائڻ جي لاءِ مدارس المدينه براءِ نابينا(رهائشي) ڪراچي، حيدرآباد، ملتان، ڪالاباغ ۽ ڪشمير ۾ قائم ٿي چڪا آهن، پڻ وڏن شهر ۾ هي مدرسا قائم ٿي چڪا آهن، اڃان وڏن شهرن ۾ قائم ڪيا ويندا * اسپيشل پرسنز کي عالمِ دين بڻائڻ جي لاءِ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ ۾ جامعات المدينه براءِ نابينا(بوائز) قائم ڪيا ويندا. الحمد لله! فيصل آباد پاڪستان ۾ جامعات المدينه براءِ نابينا(بوائز) تعمير ٿي رهيو آهي * گونگن ۽ ٻوڙن عاشقانِ رسول کي فرض علوم سيکارڻ جي لاءِ تصوير وارا ڪتاب به ڇپجي رهيا آهن جنهن ۾ اچو وضو ڪيون ۽ با تصوير نماز جون ٻه قسطون اچي چڪيون آهن، وڌيڪ ڪتابن تي ڪم جاري آهي.

اسپيشل پرسنز موبائل ايپليڪيشن

دعوت اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ اسپيشل پرسنز موبائل ايپ بڻائي آهي جنهن ۾ نابينا افراد جي لاءِ آڊيو لائبريري جو آپشن * گونگن ٻوڙن جي لاءِ حج و عمره * نماز * وضو * ۽ غسل جو طريقو اشارن جي زبان ۾. عمومي (نارمل) اسلامي ڀائرن جي لاءِ اشارن جي زبان جو ڪورس ۽ Animated Sign Language Course (اَيۡنِي مَيۡٽِڊ سائِن لينگوئج) ڪورس جو آپشن موجود آهي.

الله پاڪ اسان سڀني کي محبتون ورهائڻ، اسپيشل پرسنز(مثال طور انڌن ۽ معزور افراد) جي خيرخواهي ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمین بِجاہِ خاتَمِ النَّبیِّین صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم

ہو مرا کام غریبوں کی حمایت کرنا                        دَرْد مندَوں سے، ضعیفوں سے محبّت کرنا

مرے اللہ! بُرائی سے بچانا مجھ کو                           نیک جو راہ ہو، اس راہ پہ چلانا مجھ کو

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد