Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

اُن کے جلوؤں میں ہیں وہ دلچسپیاں                    جو وہاں پہنچا وہیں کا ہو گیا

   راوي چون ٿا: اهي حبشه جا ماڻهو گهوري ڪري ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لذّت ۾ مدهوش رهيا، آخر ڪار پڪارڻ لڳا: ہٰذَاوَاللہ نَبِیٌّ خدا جو قسم! هي الله پاڪ جا نبي آهن.[1]

سَر سے پا تک ہر ادا ہے لاجواب                        خوبرُویوں میں نہیں تیرا جواب

حُسْن ہے بےمثل صُورت لاجواب                    میں فِدا تم آپ ہو اپنا جواب[2]

هيءُ ڪنهن ڪوڙي جو چهرو نه  ٿو  ٿي سگهي

   حضرت عبد الله بن سلام رَضِىَ اللهُ عَنْها سلام قبول ڪرڻ کان پهريان غير مسلمن جا واڏا عالم هئا، پاڻ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مديني پاڪ ۾ خبر هلي ته  محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ (جنهن مڪي پاڪ جي سر زمين تي نبوت جو اعلان ڪيو آهي، هو) هجرت ڪري مديني پاڪ تشريف کڻي اچي چڪا آهن، هي خبر ٻڌندي ئي ماڻهو بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيڻ لڳا، مون چاهيو ته مان به ڏسان ته هي ڪهڙي هستي آهن؟ بهرحال مان به بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيس، جڏهن مون ماڻهن جي ميڙ مان والضُّحٰي واري چهري جي جهلڪ ڏٺي ته ڏسندي ئي پڪاريو: اَنَّ وَجْہَہٗ لَیْسَ بِوَجْہِ کَذَّاب هي نوراني چهرو ڪنهن ڪوڙي جو چهرو نه ٿو ٿي سگهي (يقيناً هي واقعي الله پاڪ جا سچا نبي آهن). [3]

جس سے تاریک دل جگمگانے لگے                      اس چمک والی رنگت پہ لاکھوں سلام

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] ... دلائل النبوۃ لابی نعیم،  الفصل الحادی عشر فی ذکر نشوہ و تصرف ، صفحہ: 91 ،رقم:97 ملتقطاً۔

[2] ...ذوقِ نعت ،صفحہ:88۔

[3] ...ابن ماجہ ، کتاب اقامۃ الصلوۃ  و السنۃ فیہا ،باب ما جاء فی قیام اللیل،صفحہ:215 ،حدیث:1334۔