Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

عظيم صحابيِ رسول، سلطان المفسرين، حضرت عبدلله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهما جي آخري عمر ۾ اکين جي روشني ويندي رهي. شَوَاہِدُ النُّبُوَّہ ۾ آهي: حضرت عبدلله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهما هڪ ڇوڪري کي پاڻ سان گڏ رکندا هئا، جيڪو نمازن جي وقت سندن کي مسجد آڻيندو هو. هڪ ڏينهن ڇوڪرو نه آيو، حضرت عبدلله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهما باجماعت نماز جي شوق ۾ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا ڪئي: اي منهنجا مالڪ ۽ مولا! اهو انڌو ٿيڻ مون کي ڪٿي قيامت جي ڏينهن رسوا نه ڪري وجهي، يا الله! مون کي رسوائي کان بچاءِ، دعا يڪدم قبول ٿي ۽ سندس اکيون روشن ٿي ويون. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه خوشي سان مسجد ڏانهن روانه ٿي ويا ۽ معمول مطابق نماز جماعت سان ئي ادا ڪيائون. ([1])

ہر عبادت سے برتر عبادت نماز                         ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نماز

پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈ ک ہے یہ             قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نماز

بھائیو! گر خدا کی رِضا چاہئے                                  آپ پڑھتے رہیں باجماعت نماز

دعوت اسلامي ۽ اسپيشل پرسنز جي لاءِ ديني مدد

الحمد لله! دعوت اسلامي سان هزارين اسپيشل پرسنز جڙيل آهن جن ۾ گونگا، ٻوڙا،  انڌا ۽ معزور عاشقانِ رسول شامل آهن * اسپيشل پرسنز ڊيپارمنٽ سڄي دنيا ۾ هنن ماڻهن ۾نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۽ انهن کي علمِ دين سيکارڻ ۾ مصروفِ عمل آهي * اسپيشل پرسنز کي علمِ دين سيکارڻ ۽ انهن جي اخلاقي تربيت ڪرڻ جي لاءِ درس، هفته وار سنتن ڀريا اجتماعات ۽ وقت به وقت سنتن ڀرين اجتماعن جو سلسلو ٿيندو رهندو آهي * نماز ۽ قرآن جا احڪام سيکارڻ جي لاءِ فيضانِ نماز ڪورس (ڊيف جي لاءِ اشارن جي زبان ۾)، مدرسة المدينه، رمضان المبارڪ ۾ اجتماعي اعتڪاف، 3 ڏينهن، 12 ڏينهن ۽ هڪ مهيني جي مدني قافلن ۾ سفر جو سلسلو ٿيندو آهي * نابينا ٻارن کي


 

 



[1]...شواہد النبوۃ ، صفحہ:380 خلاصۃً۔