Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

ڪهڙيون نعمتون ملنديون آهن، اچو! هڪ ايمان تازو ڪندڙ حديثِ پاڪ ٻڌو! مسلم شريف جي حديث پاڪ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ماڻهن تي هڪ اهڙو زمانو ايندو جو لشڪر الله پاڪ جي راھ ۾ وڙهڻ جي لاءِ نڪرندو، اهي هڪٻئي کان پڇندا: ڏسو! ڇا توهان ۾ ڪي صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْها هن؟ سڄي لشڪر ۾ هڪ صحابي موجود هوندو. بس الله پاڪ انهيءَ صحابيءَ جي برڪت سان لشڪر کي فتح عطا فرمائي ڇڏيندو.

   پوءِ ماڻهن تي هڪ اهڙو زمانو ايندو، لشڪر الله پاڪ جي راھ ۾ وڙهڻ جي لاءِ نڪرندو، پڇيو ويندو: ڇا توهان ۾ ڪو صحابيءِ رسول جو ديدار ڪرڻ وارو  (يعني تابعي) آهي؟ سڄي لشڪر ۾ صرف هڪ تابعي موجود هوندو، بس الله پاڪ انهيءَ جي برڪت سان فتح (Victory)عطا فرمائيندو. پوءِ هڪ زمانو  اهڙو ايندو، لشڪر الله پاڪ جي راھ ۾ وڙهڻ جي لاءِ نڪرندو، پڇيو ويندو: ڇا توهان ۾ ڪو اهڙو آهي جنهن صحابيءِ رسول جو ديدار ڪرڻ واري (يعني تابعي) کي ڏٺو هجي؟ سڄي لشڪر ۾ صرف هڪ تبع تابعي موجود هوندو، بس الله پاڪ ان هڪ جي ئي برڪت سان سڄي لشڪر کي فتح عطا فرمائي ڇڏيندو.[1]

امّت ان وقت تائين خير تي رهندي جيستائين...!!

   حضرت واثلہ کان رَضِىَ اللهُ عَنْه روايت آهي، الله پاڪ جي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: توهان ان وقت تائين ڀلائيءَ تي رهندؤ جيستائين توهان ۾ هڪ به مونکي ڏسڻ ۽ منهنجي صحبت مان فيض حاصل ڪرڻ وارو (يعني صحابي) موجود آهي، ۽ توهان ان وقت تائين خير ۽ ڀلائيءَ تي رهندؤ جيستائين توهان ۾ مونکي ڏسڻ واري کي ڏسڻ وارو (يعني تابعي) موجود هوندو ۽ توهان ان وقت تائين خير ۽ ڀلائي تي رهندؤ جيستائين مونکي ڏسڻ واري کي ڏسڻ واري (يعني تابعي کي) ڏسڻ وارو (يعني تبع تابعي) موجود هوندو.[2]


 

 



[1] ...مسلم،کتاب فضائل الصحابۃ ،باب فضل الصحابۃ ثم الذین ،صفحہ: 982 ، حدیث:2532۔

[2] ... مسند الشامیین لطبرانی ،جلد:1 ،صفحہ :452 ،حدیث:799۔