Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

اهي به ايئن ئي ايمان آڻن جيئن اوهان ايمان آندو آهي پوءِ ته اهي هدايت ماڻي ويا.

    يعني اي اسان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا صحابه! قيامت تائين جيڪو به جِن يا انسان توهان وانگر ايمان آڻي، مونکي، منهنجي رسولن کي، منهنجي ڪتابن کي هن طرح مڃي، جيئن توهان مڃو آهي، تڏهن اهو هدايت تي هوندو، جيڪڏهن ڪو سڀ ڪجھ مڃي پر توهان وانگر نه مڃي ته گمراھ جو گمراھ ئي رهندو، توهان قيامت تائين ايمان جي ڪسوٽي (پَرک) آهيو.[1]

    الله پاڪ جي محبوب نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: منهنجا صحابه تارن جيان آهن، جنهن جي به پيروي ڪندؤ، هدايت ماڻي ويندؤ. [2]

   سبحان الله! هي آهي ديدارِ مصطفٰي جي برڪت...!! جنهن خوش نصيب به رسالت جو زمانو پاتو، ايمان قبول ڪيو ۽ توڙي جو گهڙي کن جي لاءِ ئي سهي ديدارِ مصطفٰي جو شربت پيتو، ان کي صرف هدايت ئي نه ملي بلڪه اهو قيامت تائين جي لاءِ هدايت جو مِعيار به بڻجي ويو.

تیرے صدقے مجھے اِک بُوند بہت ہے تیری          جس دِن اَچّھوں کو مِلے جام چھلکتا تیرا

ديدارِ مصطفٰي جون برڪتون اڳتي منتقل ٿينديون آهن

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حُسن مبارڪ جي هڪ ٻي نرالي برڪت آهي، اها هي ته ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون برڪتون لازم ناهن بلڪه متعدّي آهن يعني ايئن ناهي ته محدود


 

 



[1] ...تفسیر نعیمی ،پارہ :1 ، سورۂ بقرہ ،تحت الآیۃ :137 ، جلد:1 ،صفحہ:771  بتغیرٍ۔

[2] ...مِشکاۃ المصابیح ، کتاب المناقب ، باب مناقب الصحابۃ،جلد:2 ،صفحہ: 414 ، حدیث:6018۔