Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

صحابي بڻائڻ واري عبادت

    پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ پنهنجي محبوب نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اڪيلو (يعني  بي مثل ۽ بي مثال) بڻايو آهي ربِّ ڪائنات کي پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نرالو هئڻ ڪيتري قدر مطلوب آهي، ان جو اندازو هن ڳالھ مان لڳايو ته ايمان جي نگاھ سان ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀ کان وڏي عبادت آهي.[1]

   عبادتون ٻيون به آهن * نماز پڙهڻ به عبادت آهي * روزو رکڻ به عبادت آهي * تلاوت ڪرڻ به عبادت آهي * حج ۽ عمرو ڪرڻ به عبادت آهي، عبادتون کوڙ قسمن جون آهن، انهن جا ديني ۽ دنياوي فائدا به کوڙ سارا آهن پر ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اها نرالي ۽ اڪيلي عبادت آهي جو ربِّ ڪائنات جيڪو اَثَر ان عبادت ۾ رکيو آهي، اهو ڪنهن ٻي عبادت ۾ ناهي. ڏسو! نماز پڙهون، ثواب ملندو آهي * روزو رکون، ثواب ملندو آهي * تلاوت ڪيون، ثواب ملندو آهي * حج ۽ عمرو ڪيون ثواب ملندو آهي، باقي کوڙ قِسمن جون عبادتون آهن، جيڪڏهن عبادات الله پاڪ جي بارگاھ ۾ مقبوليت جو درجو ماڻين ته ثواب ملندو آهي، الله پاڪ ٻانهي جي عبادتن تي راضي ٿي وڃي ۽ هو چاهي ته انهن عبادتن جي برڪت سان ولايت جو بلند رتبو به عطا فرمائي ڇڏيندو آهي پر قربان وڃو! ديدارِ مصطفٰي اها عظيم عبادت آهي جو جنهن خوش نصيب ايمان جي حالت ۾ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ظاهري زندگيءَ ۾ چاهي گهڙي کن جي لاءِ ئي هيءَ عبادت ڪري ورتي (يعني ديدارِ مصطفٰي جي سعادت ماڻي ورتي) اهو قيامت تائين وليَن جو سردار يعني صحابي بڻجي ويو.

   سبحان الله!  ڇا ته نرالو حسن آهي، ڇا ته نرالي برڪت آهي، مصطفٰي ڪريم جو چهرو صحابي گر (يعني صحابي بڻائڻ وارو) چهرو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هاڻي دنيا ۾ ولي ته ٿيندا آهن، غوث، قطب، ابدال ته ٿيندا آهن پر قيامت تائين


 

 



[1] ... مرآۃ المناجیح،جلد:3 ،صفحہ:254 ماخوذاً ۔