Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

۾ سنهريون ڄاريون کلن ٿيون ۽ امّت جا غم خوار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻاهر تشريف کڻي آيا ۽ منهنجو نالو وٺي ڪري فرمايو: پنهنجو باطن به صاف ڪيو. هن خواب سان منهنجي دل ۾ انقلاب پيدا ٿي ويو! حالانڪه ان کان پهريان معاذ الله! حياتُ النّبي جو منڪر هيس ۽ منهنجو هي به عقيدو هو ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کي ڏسندا ٻڌندا ناهن ۽ نه ئي اسان جي باطني حالت سان آگاھ آهن. الحمد لله! مون تي حق ظاهر ٿي ويو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان جا نالا ته ڇا، دلين جي ڪيفيت به ڄاڻيندا آهن. الحمد لله! مون باطل عقيدن کان سچي توبھ ڪري ورتي. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن منهنجي چهري تي هڪ مٺ ڏاڙهي آهي، مٿي تي عمامي جو تاج ۽ جسم تي سنّت جي مطابق مدني لباس رهندو آهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ڪلمو اينڊ دُعا (Kalma &Dua) ايپ جو تعارف

  پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي آئي، ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ تمام ئي پياري موبائل ايپليڪيشن بنام ڪلمو اينڊ دُعا (Kalma &Dua) جاري ڪئي آهي. هن ايپليڪيشن جي ذريعي نهايت ئي آسان طريقي سان  ٻارن جي تربيت ڪري سگهجي ٿي * هن ايپليڪيشن ۾ ٻارن جي لاءِ 6 ڪلما آڊيو جي صورت ۾اکرن جي ادائيگي ۽ ترجمي سان گڏ * روزانو جون 16 مختلف دعائون مثال طور پاڻي پيئڻ جي دعا * کاڌي کان پهريان ۽ بعد جي دُعا * کيرَ پيئڻ جي دعا * سمهڻ  وقت جي دعا وغيره اکرن جي ادائيگي ۽ ترجمي سان گڏ ۽ مختلف موضوعات تي سنّتون ۽ آداب وغيره شامل آهن. پنهنجي موبائل ۾ هيءَ ايپليڪيشن انسٽال ڪري فائدو وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.