Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

تابعي کي ڏسڻ واري جي لاءِ به خوشخبري آهي

   حضرت عبد الله بن بُسر رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: طُوْبیٰ لِمَنْ رَاٰنِی وَ آمَنَ بِی وَلِمَنْ رَاٰی مَنْ رَاٰنِی وَلِمَنْ رَاٰی مَنْ رَاٰی مَنْ رَاٰنِی وَ آمَنَ بِیْ و َ حُسْنَ مَآب  جنهن مونکي ڏٺو ۽ ايمان آندائين ان جي لاءِ به خوشخبري آهي، جنهن مونکي ڏسڻ واري (يعني صحابي) کي ڏٺو، ان جي لاءِ به خوشخبري آهي ۽ جنهن مونکي ڏسڻ واري کي ڏسڻ واري (يعني تابعي) کي ڏٺو ۽ ايمان آندائين، ان جي لاءِ به خوشخبري ۽ چڱو ٺڪاڻو آهي.[1]

   هڪ روايت ۾ آهي: سرورِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پڇيو ويو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! طوبٰي ڇا آهي؟ فرمايائون: طوبٰي هڪ جنّتي وڻ آهي.[2]

   يعني هاڻي حديثِ پاڪ جي معنٰي هيئن ٿيندي: جنهن مونکي ڏٺو ۽ ايمان آندائين، اهو به جنّتي آهي، جنّتي وڻ جو مالڪ هوندو، جنهن مونکي ڏسڻ واري کي (يعني صحابي) کي ڏٺو، اهو به جنّتي آهي، اهو به جنّتي وڻ طوبٰي جو مالڪ هوندو ۽ جنهن مونکي ڏسڻ واري کي ڏسڻ واري (يعني تابعي) کي ڏٺو، اهو به جنّتي آهي ۽ جنّتي وڻ طوبٰي جو مالڪ هوندو.

 سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي برڪت...!! ڪو دنيا جو حسين اهڙو نه هوندو، جنهن کي ڏسڻ واري کي اهڙيون برڪتون ملن. هي حُسنِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ئي نرالو شان آهي جو ان نوراني چهري مان نڪرڻ وارا نوراني ڪرڻا برڪت ورهائيندا ئي نه بلڪه بابرڪت بڻائيندا به  آهن.

صحابي، تابعي، تبع تابعي، جي برڪت سان مشڪلاتون ٽرنديون آهن

  اي عاشقانِ رسول! ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي برڪت سان ڪهڙيون


 

 



[1] ... جامع صغیر ،صفحہ:327 ،حدیث:5304۔

[2] ... مسند احمد ،جلد: 5، صفحہ:195 ،حدیث:11991 ملتقطاً۔