Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

پاڪ دوزخ تي حرام ڪري ڇڏيندو.[1]

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

نابينا(انڌن) ماڻهن جو عالمي ڏينهن

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! 15 آڪٽوبر تي نابينا افراد جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. اچو! هن اعتبار سان نابينا افراد سان حسنِ سلوڪ ۽ دعوت اسلامي ڪهڙي ڪهڙي انداز ۾ نابينا افراد جي خير خواهي ۾ مصروفِ عمل آهي، هن بابت ڪجهه مدني گل ٻڌون ٿا:

   اسپيشل پرسنز(يعني اهي افراد جن جي جسم جا ڪجهه عضوا ناڪاره هجن يا ڪنهن عضو جي گهٽتائي هجي، مثال طور گونگا، ٻوڙا،  انڌا يا ڪنهن ٻئي ذهني يا جسماني معزوري جا شڪار افراد) اهي به اسان جي پنهنجي معاشري جو اهم حصو هوندا آهن، انهن جي جسماني ڪمزوري ته هوندي آهي پر اهي ذهني طور نهايت صحت مند هوندا آهن.

نابينا افراد(انڌن ماڻهن) کي وٺي هلڻ جي فضيلت

الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو ڪنهن نابينا کي 40 قدم هٿ پڪڙي هلائي ته، ان جي چهري کي جهنم جي باهه نه لڳندي. ([2]) هڪ حديث شريف ۾ آهي: جنهن ڪنهن انڌي کي هڪ ميل تائين وٺي هلايو ته ان کي ميل جي هر گَز جي بدلي هڪ غلام آزاد ڪرڻ جو ثواب ملندو. جڏهن توهان نابينا کي هلايو ته ان جو کاٻو هٿ پنهنجي ساڄي هٿ سان پڪڙيو جو اهو به صدقو آهي. ([3])

نابينا صحابي جي نماز سان محبت


 

 



[1] ... کَشْفُ الْغمَّۃِ عَنْ جَمِیعِ الامۃ،جز:1 ،صفحہ:325۔

[2]...تاریخ مدینہ، جلد:48، صفحہ:3۔

[3]...مسند فردوس، جلد:5، صفحہ:350، حدیث:8397۔