Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

هوندا آهن، جتي حُسن هوندو آهي اتي شيطان جا وارَ گهڻو ڪم ڪندا آهن، ڪيترا ئي عبادت گذار آهن جيڪي حُسن جي فتني ۾ مبتلا ٿيا ۽ گناھن ۾ مبتلا ٿي ويا، ڪيترا ئي زاهد آهن جيڪي حسن جي فتني ۾ مبتلا ٿيا ۽ جهنّم جي رستي تي هلڻ لڳا، هي عام دنياوي حسن جي ڳالھ آهي، قربان وڃو! اسان جا  آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀني کان وڌيڪ حسين آهن پر سندن جو حسن اهڙو ناهي، دنيا جا حسين جتان گذرن، اتي فتنا پيدا ٿي ويندا آهن، اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جتان کان گذر فرمائن، اتي هدايت جو نور چمڪڻ لڳندو آهي، الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نوراني چهرو بڻايو ئي اهڙو آهي جو جيڪو به ان نوراني چهري جو ديدار ڪري وٺي جيڪڏهن ازلي بدبخت نه هجي ته ڪلمو پڙهڻ بنا رهي ئي نه سگهندو.

   شهزادهءِ اعلٰي حضرت، مولانا مصطفٰي رضا خان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا:

وہ حَسِیْں کیا جو فتنے اُٹھا کر چلے                              ہاں حَسِیْں تم ہو فتنے مٹا کر چلے

رَبّ کے بندوں کو رَبّ سے مِلا کر چلے                  جلوۂ حق وہ ہم کو دِکھا کر چلے

جگمگا ڈالیں گلیاں جدھر آئے وہ                          جب چلے وہ تو کُوچے بسا کر چلے

کیسا تاریک دُنیا کو چمکا دیا                                    سارے عالَم میں کیسی ضِیاکر چلے[1]

نوراني چهرو نبوت جي دليل آهي

 الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمائي ٿو:

یَّكَادُ زَیْتُهَا یُضِیْٓءُ وَ لَوْ لَمْ تَمْسَسْهُ نَارٌؕ-نُوْرٌ عَلٰى نُوْرٍؕ یَهْدِی اللّٰهُ لِنُوْرِهٖ مَنْ یَّشَآءُؕ      (سيپارو: 18، سورة نور: آيت 35)

ترجمو ڪنزالعرفان: قريب آهي جو ان جو تيل ڀڙڪي ٻري پوي جيتوڻيڪ ان کي باھ نه پهتي


 

 



[1] ...سامان ِ بخشش ،صفحہ:179 -180 ملتقطاً۔