Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

اعلٰي ترين نيڪي موجود آهي جيڪا قيامت تائين اچڻ وارن عبادت گذارن کي نصيب ناهي.

   سبحان الله! هي آهي ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي برڪت...!! جنهن کي ايمان جي حالت ۾، منهنجي نبي، پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ظاهري زندگيءَ ۾ هي ديدار نصيب ٿيو، اهو قيامت تائين اچڻ وارن مسلمانن جو سردار بڻجي ويو.

  ڪجھ نادان معاذَ الله! صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جو ادب ناهن ڪندا، انهن پاڪ هستين جي باري ۾ غلط ڳالهيون ڪندا آهن، انهن جي طرف آڱريون کڻندا آهن، زبان درازي ڪندا آهن. ڪجھ نادان ته هي به چوندا آهن ته فلاڻي صحابي جي ڪا به فضيلت ناهي.

   اَلاَمان والحفيظ! الله پاڪ اسان کي بي ادبي ۽ بي ادبن جي شر کان بچائي. اهڙا نادان ٿورو غور ته ڪن! ڇا حالتِ ايمان ۾ رخِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ديدار نصيب ٿي وڃڻ ڪا گهٽ فضيلت آهي؟ ايمان جي حالت ۾ امامُ الانبيا، محبوبِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صحبتِ بابرڪت جو فيضان ملي وڃڻ ڪا گهٽ فضيلت آهي...؟

محفوظ سدا رکھنا  شہا! بے ادبوں سے                     اور مجھ سے بھی سر زد نہ کبھی بے ادَبی ہو

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

   اي عاشقانِ رسول! ڏسو! سرورِ انبياء، محبوبِ ڪبريا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ظاهري زندگي ۾، ايمان جي حالت ۾ ديدارِ مصطفٰي جا شربت پيئڻ وارن کي ڪهڙيون ڪهڙيون فضيلتون حاصل آهن

هر صحابيءِ نبي...! جنّتي! جنّتي!

الله پاڪ فرمائي ٿو: