Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

   سبحان الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آهن...!! جنهن خوش نصيب سرورِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت جو شرف ماڻيو، ان جي برڪت سان امّت خير ۽ ڀلائيءَ تي رهي، پوءِ جن خوش نصيبن کي صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جو ديدار نصيب ٿيو، انهن جي برڪت سان امّت خير ۽ ڀلائيءَ تي رهي، پوءِ جنهن صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کي ڏسڻ واري کي ڏٺو، ان جي برڪت سان به امّت خير ۽ ڀلائيءَ تي قائم رهي. هي ڪهڙو نرالو حُسن آهي جيڪو برڪتون ورهائيندو به آهي، ۽ بابرڪت بڻائيندو به آهي هي برڪتون اڳتي منتقل (Transfer) به ٿينديون رهنديون آهن.

تیرے جلوؤں میں یہ عالَم ہے کہ چشمِ عالَم            تابِ دیدار نہیں پھر بھی تماشائی ہے

وضاحت: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! اوهان جي ديدار جي جلوي جو به ڇا ته نرالو شان آهي...!! ڪو به اوهان جي حقيقي پُرنور حُسن کي ڏسڻ جي طاقت نه ٿو رکي، پوءِ به سڄو جهان اوهان جو تماشائي (يعني ڏسڻ وارو) آهي.

خُدا کی  غیرت نے ڈال رکھے ہیں تجھ پہ سَتّر ہزار پردے

جہاں میں بن جاتے طُور لاکھوں جو اک بھی اٹھتا حجاب تیرا

خواب ۾ ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون برڪتون

   اي عاشقانِ رسول! هي ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي سندن ظاهري زندگي مبارڪ ۾ ايمان جي حالت ۾ مٿي جي اکين سان ڏسڻ جون برڪتون هيون، الحمدلله! اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي غلامن کي خواب ۾ ديدار جو شربت پياريندا آهن.

   پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! خواب ۾ ديدارِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون برڪتون ٻڌون ٿا: