Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

هجي. نور تي نور آهي، الله پنهنجي نور جي راھ ڏيکاريندو آهي جنهن کي گهرندو آهي.

   مفسرينِ ڪرام فرمائن ٿا: هي مصطفٰي جي چهري جي نور جو مثال آهي، آيتِ ڪريمه جي معنٰي هي آهي ته حُسنِ مصطفٰي اهو نرالو حُسن آهي جو جيڪڏهن نورِ قرآن پاڻ کي مَس نه به ڪري ها (يعني پاڻ قرآني آيات پڙهي ڪري نه به ٻڌائن ها)، تڏهن به پاڻ پنهنجي پاڪيزگي ۽ ڪمالِ حُسن جي ذريعي چمڪي پَون ها.[1]

   حضرت عبد الله بن رواحه رَضِىَ اللهُ عَنْه صحابيءِ رسول آهن، ۽ بارگاھِ رسالت جا نعت پڙهڻ وارا شاعر آهن، پاڻ فرمائن ٿا:

لَو لَمْ یَکُنْ فِیْہِ آیَات مبَیِّنَۃ                                                                                                           کَانَت بداھتہ  تَنَیَّنَکَ عَنْ خَبْرِہٖ

   يعني جيڪڏهن حضور پُر نور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪو ٻيو معجزو نه به ڏيکارين ها، تڏهن به سندن نبي هجڻ تي پاڻ جي حُسن جو نظارو ئي تمام وڏو دليل هو.[2]

هي الله پاڪ جا سچا نبي آهن

   امام ابو نُعَيۡم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي ڪتاب دلائلُ النُّبوّة ۾ روايت ذڪر ڪئي، اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بي مثل ۽ بي مثال ننڍپڻ جو زمانو هو. 2 سالن جي عمر مبارڪ هئي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت حليمه سعديه رَضِىَ اللهُ عَنْها وٽ تشريف فرما هئا، هڪ ڏينهن حضرت حليمه سعديه رَضِىَ اللهُ عَنْها پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ساڻ ڪري مڪي شريف وڃي رهيون هيون، رستي ۾ هڪ مقام تي حبشه جا ڪجھ ماڻهو مليا، انهن جي نظر جڏهن رُخِ مصطفٰي تي پئي ته بَس ڏسندا ئي رهجي ويا.


 

 



[1] ... روح المعانی  ،پارہ 18 ،سورۂ نور ، تحت الآیۃ :35 ،جزء:18 ،صفحہ :495۔

[2] ... روح المعانی  ،پارہ 18 ،سورۂ نور ، تحت الآیۃ :35 ،جزء:18 ،صفحہ :495۔