Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

ڪيئن آهن؟ جڏهن ٻڌايو ويو ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خيريت سان آهن ان انصاري صحابيه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمايو: مونکي رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪَرايو. جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪيائون ته عرض ڪرڻ لڳيون: کُلُّ مُصِیْبَةٍ بَعْدَكَ جَلَلٌ يعني اوهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هوندي هر مصيبت هيچ (معمولي) آهي.[1]

بڑھ کر اُس نے رُخِ اَنْوَر کو جو دیکھا تو کہا!                             تُو سَلامَت ہے تو پھر ہیچ ہیں سب رَنْج و اَلَم

مَیں بھی اور باپ بھی شوہَر بھی بَرادَر بھی فِدا                         اے شہِ دیں!تِرے ہوتے کیا چیز ہیں ہم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله ُعَلٰي مُحَمَّد

حُسنِ مصطفٰي حُسنِ  هدايت آهي

 اي عاشقانِ رسول! حُسنِ مصطفٰي جا تمام گهڻا ڪمالات ۽ امتيازي شانَ آهن، مثال طور حُسنِ مصطفٰي ڪامِل ترين حُسن آهي، دنيا جو ڪو به حسين اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان وڌيڪ حسين ناهي، ايستائين جو حضرت يوسف عَلَيهِ السَّلَام جو حُسن مبارڪ به حُسنِ مصطفٰي جو هڪ جُز Part آهي، اهڙيءَ طرح پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو حُسن مبارڪ حُسنِ مَليح (يعني دلڪَش حُسن) آهي، ڪجھ حُسن هوندا آهن جيڪي اکين ۾ لڳندا آهن، انهن کي جي تڪي ڪري ناهي ڏسي سگهبو پر سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو حُسن مبارڪ حُسنِ مليح آهي، ان کي ڪو  ڏسي وٺي ته اک هٽندي ناهي، دل ڀرجندي ناهي.

      حُسنِ مصطفٰي جو هڪ نهايت نرالو Unique ۽ بي مثال شان هي آهي ته حُسنِ مصطفٰي حُسنِ هدايت آهي. دنيا ۾ لکين ڪروڙين حسين ٿيا آهن، قيامت تائين ٿيندا رهندا پر عام طور هي هيئن هوندو آهي جو حُسن سان گڏ فتنا


 

 



[1] ...  صحابیات اور عشقِ رسول، صفحہ:17 بتغیر قلیل۔