Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

  12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو

  اي عاشقانِ رسول! دل ۾ عشقِ رسول وڌائڻ، سنّتن تي هلڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بي شمار برڪتون ملنديون. ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو به آهي.

ديدارِ مصطفٰي نصيب ٿي ويو

پنجاب (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کان پهريان منهنجو اٿڻ ويهڻ بد عقيده ماڻهن سان هو. ۽ فلمن ڊرامن جو شوقين هيس ۽ منهنجي چهري تي ڏاڙهي به سنّت جي مطابق نه بلڪه ننڍي هئي. منهنجي سڌرڻ جو سامان ايئن ٿيو جو هڪ ڀيري منهنجي دڪان تي هڪ اسلامي ڀاءُ پنهنجي شهر ۾ ٿيڻ واري هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع جي دعوت ڏني مون ٽارڻ سان گڏوگڏ انهن کي بُرو ڀلو به چيو، منهنجي ان بَرتاءُ جي ڪري انهن جي چهري تي اداسي ڇائنجي وئي، مان رات جو جڏهن گهر ويس ماني کائڻ کان بعد مونکي انهن اسلامي ڀائرن جو خيال آيو ته مون سوچيو ڇونه انهن جي اجتماع ۾ وڃان ته جيئن ڏسي سگهجي ته هي ماڻهو اجتماع ۾ ڪن ڇا ٿا! پر قدرت کي ڪجھ ٻيو ئي منظور هو جڏهن مان اجتماع ۾ ويس ته مبلغِ دعوتِ اسلامي اجتماع کان بعد شفقت ڀري انداز ۾ مونکي سمجهايو جنهن جي نتيجي ۾ مدني قافلي ۾ سفر جي مون نيّت ڪئي ۽ جلدئي مونکي عاشقانِ رسول سان 3 ڏينهن جي لاءِ مدني قافلي ۾ سنّتن ڀري سفر جي سعادت  نصيب ٿي وئي. اسان جو مدني قافلو هڪ مسجد ۾ ترسيو. الحمد لله! پهرين ئي رات مون گنھگار تي ڪرم مٿان ڪرم ٿي ويو. ڇا ٿو ڏسان ته مسجدِ نبوي شريف جو صحن آهي ۽ مان ٻهارو ڏئي رهيو آهيان. ايتري