Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

وعدي جي پابندي سنّت آهي

   2 فرامينِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : (1): جيڪو واعدو پورو ناهي ڪندو، ان جو ڪو ايمان ناهي.[2]  (2): جيڪو مسلمان ڀاءُ کان واعدو خلافي ڪري ان تي الله پاڪ ۽ ملائڪن ۽ تمام انسانن جي لعنت آهي. [3]

   اي عاشقانِ رسول! وعدو پورو ڪرڻ سنّتِ مصطفٰي بلڪه سنّتِ انبياء آهي * اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وعدي جا تمام پڪا هئا * ۽ وعدو ٽوڙڻ کي نهايت ئي ناپسند فرمائيندا هئا * اعلانِ نبوت کان پهريان هڪ ڀيري هڪ شخص پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عرض ڪيو: اوهان ترسو! مان هاڻي ئي اچان ٿو. اهو شخص هليو ويو پر واپس اچڻ  وسري ويو، 3 ڏينهن کان بعد ان کي ٻيهر ياد آيو، جڏهن هي انهيءَ جڳھ تي پهتو ته ڏسي ڪري حيران ٿي ويو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 3 ڏينهن گذرڻ جي باوجود اتي ئي تشريف فرما هئا ۽ ماشآءَ الله! شفقت ۽ رحمت ۽ حُسنِ اخلاق ڏسو! پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي نه ڌڙڪا ڏنا، نه ئي ڪاوڙ   ڪيائون، بس ايترو فرمايائون: اي شخص! تو مونکي مشقت ۾ وجهي ڇڏيو. [4]


 

 



[1] ...تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2] ...مصنف اِبْنِ اَبِی شیبہ، کتاب: الايمان،  جلد:7صفحہ:223۔

[3] ...بخاری، کتاب:جِزْیہ، صفحہ:815، حدیث:3179۔

[4] ...اَبُو داؤد، کتاب: ادب، باب: وعدہ، صفحہ:781، حدیث:4996۔