Book Name:Chehra e Mustafa Dekhtay Rahey Gay

بیٹھتے اٹھتے، جاگتے سوتے                                  ہو   اِلٰہی   مرا   شِعَار   درود [1]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّيَّةُ الْحَسَنَةُ تُدْخِلُ صَاحِبَهَا الْجَنَّةَ سٺي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔([2])

  اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّھ سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

درد ڀري آرزو

   هڪ ڏينهن هڪ انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! الله پاڪ جو قسم! مان اوهان سان پنهنجي جان، پنهنجي اولاد، پنهنجي اهل ۽ عيال (Family) ۽ پنهنجي مال کان به وڌيڪ محبت ڪريان ٿو، اوهان جي بارگاھ ۾ حاضر نه ٿي سگهان، ديدار جو شربت پيئڻ نصيب نه ٿئي ته ايئن لڳندو آهي ڄڻ مان مري ئي ويندُس.

   هي عرض ڪري اهو انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه روئڻ لڳو، غم خوار نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: روئين ڇو ٿو؟ عرض ڪيائين: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! عنقريب موت آهي، اوهان به دنيا مان پردو فرمائي ويندا، مونکي به موت اچي ويندو، اوهان ته نبين جا نبي آهيو، قيامت جي ڏينهن جنّت ۾ انبياءِ


 

 



[1] ... ذوقِ نعت، صفحہ:124۔

[2]...مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔