Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

لاءِ هڪٻئي کي  تيار ڪيو وڃي ٿو. ايتري تائين جو والدين پنهنجي اولاد کي دين کان دور، ماڊرن(Modern) ۽ آزاد خيال ڏسي ڪري خوش ٿيندا آهن، حوصله اَفزائي به ڪندا آهن پر افسوس ! نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۾  اڪثر ڪيئي مسلمان شرمائيندا آهن.

تھا جو ناخوب بتدریج وہی خُوب ہوا

 افسوس ! افسوس.... ! !  هاڻي ماڻهن  حقيقي مسلمانن وارا ڪم ڇڏي ڏنا آهن ! هي ڪم ڪن ٿا ته شرم اچين ٿو ۽ منافقن وارو ڪم ڪرڻ ۾ بلڪل شرم ۽ عار محسوس نٿا ڪن. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. ([1]) هڪ ڏينهن سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اُن وقت توهان جو حال ڇا ٿيندو جڏهن توهان  بُرائي جو حڪم ڏيندؤ ۽ نيڪي کان روڪيندؤ؟ صحابي سڳورن عَلَيۡهِم الرِّضْوَان  عرض ڪيو: يارسول الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ڇا ايئن ٿيندو؟ فرمايائون: ها ! اُن ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، هن کان وڌيڪ برو حال ٿيندو. الله پاڪ فرمائي ٿو: مون کي پنهنجي ذات جو قسم ! مان(اُن وقت) انهن تي اهڙو فتنو مُقرّر ڪندس جو اُن ۾ سمجهدار ماڻهون به حيران ٿي ويندا. ([2])

اعليٰ حضرت خود بخود نيڪي جي دعوت ڏني

اَلحمۡدُلله ! اسان جا آقا اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪامل مبلغ هئا. پاڻ سڄي حياتي اُمَّت جي اصلاح ۾ گذاري ڇڏي. ڏينهن هجي يا رات، سفر هجي يا قيام، پاڻ لکي ڪري، ڳالهائي ڪري، بيان جي ذريعي، پنهنجي عمل جي ذريعي صرف نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾  مشغول هوندا هُئا. ايستائين جو نيڪي جي دعوت ڏيڻ ، بُرائي کان منع ڪرڻ اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جي طبيعت جو حصو بڻجي


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان،پارہ :10 ،سورۂِ توبہ،تحت الآیۃ :67 ،جلد:4 ،صفحہ :171- 172 ملخصاً

[2] موسوعۃ امام  ابن ابی الدنیا ، جلد:2 ،صفحہ :202، حدیث:31