Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

محبوب خدا، امام الانبياء فرمايو: اِنَّ لِنَفْسِکَ عَلَیْکَ حَقًّا يعني بيشڪ تنهنجي نفس جو به ڪجھ توتي حق آهي. اهو شخص صبح جو اٿيو ته ڏاڙهون کاڌائين. هاڻي نفس کي کير پيئڻ جي خواهش ٿي، اُن تي الله پاڪ جي اُن نيڪ ٻانهي پنهنجي نفس کي سمجهائيندي فرمايو: (جيئن تو ڏاڙهون کائڻ جي لاءِ 30 سال خواهش ڪئي، ايئن ئي کير پيئڻ جي لاءِ به) 30 سال انتظار ڪر، پوءِ شايد حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف کڻي اچن ۽ کير پيئڻ جو حڪم فرمائين، (تڏهن توکي کير به ملي ويندو،) صرف ايترو  چوڻ هو ته هڪدم خواهش ختم ٿي وئي. ([1])

الله اڪبر !  پيارا اسلامي ڀائرو !  غور فرمايو ! اسان جا بُزرگانِ دين، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ڪهڙي نه نرالي انداز سان پنهنجي نفس کي فضول خواهشن کان روڪي رکندا هئا. افسوس ! هڪ اسان آهيون جو رڳو نفساني خواهشن جي پٺيان پئجي ويا آهيون. * دل ڇا تو نماز پڙهي ورتي، نه چيائين ته نه پڙهي * دل ڇا تو روزو رکيو، نه چيائين ته سمجھ نه رکيو * دل ڇا تون موبائل فون تي فضول گيمون کيڏڻ جي لاءِ ويهي رهئين؟ * دل ڇا تون سوشل ميڊيا تي فضول پوسٽون ڏسڻ شروع ڪيون.؟ * دل ڇا تون گناهن جي ڪمن ۾ وڃي پئين.؟ رڳو جيڪو دل چيو، ڪرڻ شروع ٿي ويا، ڪڏهن اهو سوچڻ جو وقت ملي ئي نٿو ته دل ۾ جيڪا خواهش  پيدا ٿي رهي آهي، اُن جي باري ۾ الله پاڪ ۽ پياري محبوب مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو  ڇا حڪم آهي، دل ۾ اڀرڻ واري هن خواهش جو آخرت ۾ ڪو فائدو به آهي يا نه؟ مان دل ۾ اڀرڻ وارن هن نفساني خواهش تي عمل ڪري ڪاٿي قبر ۽ آخرت ۾ ڦاسي ته نه پوندس......؟ ايئن غور فڪر ڪرڻ جي عادت اڪثر ناهي هوندي.

کامل ايمان وارو ڪير

الله پاڪ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو:

وَ مَنۡ اَضَلُّ  مِمَّنِ اتَّبَعَ ہَوٰىہُ بِغَیۡرِ ہُدًی مِّنَ اللّٰہِ  (پارہ:20 ،سورۂ قصص:50)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اُن کان وڌيڪ گمراھ ڪير جيڪو الله جي  طرفان هدايت کان سواءِ پنهنجي خواهش جي پيروي ڪري.


 

 



[1] ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت،صفحہ:157 بتغیر قلیل