Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ڪمال حڪمت عملي

  سيّدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  به پاڻ کان وڏن ۽ معزز شخصيتن جي تمام احتياط سان اصلاح ڪندا هئا. مارهره شريف اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جو پيرخانو آهي، اُتان جو سجاده نشين حضرت مهدي حسن ميان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائي ٿو: مان جڏهن به بريلوي شريف ايندو هيس ته اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه منهنجي لاءِ پاڻ ماني آڻيندا هئا ۽ هٿ به ڌورائيندا هئا. هڪ ڀيرو مان بريلوي شريف پهتس، مون کي سون جي منڊي ۽ ڇلا پاتل هئا. عادت مطابق اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه   منهنجا هٿ ڌورائڻ لڳا ته فرمايائون: شهزاده حضور ! هي منڊي ۽ ڇلا مون کي ڏئي ڇڏيو ! مون لاهي ڏئي ڇڏيا.

پوءِ بريلوي شريف ۾ جدول (Schedule) مڪمل ٿيڻ کان بعد مان ممبئي هليو  ويس. ممبئي کان جڏهن مارهره شريف واپس آيس ته منهنجي ڌيءَ مون کي ٻڌايو ته: باباسائين ! بريلوي شريف جي مولانا صاحب(يعني اعلي حضرت  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ) وٽان پارسل آيو هو، جنهن ۾ ڇلا، سون جي  منڊي ۽ هڪ خط هو، خط ۾ لکيل هو: شهزادي صاحبه هي ٻئي زيور اوهان جا آهن. ([1]) غور ڪيو ! !  سيدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪيتري پياري حڪمت عملي سان سجاده نشين جي اصلاح فرمائي. ضروري ناهي ته جنهن سون جي منڊي پاتي هجي، اسان ان کان لهرائي سندن گهر موڪلي ڇڏيون، جڏهن ته جهڙو موقعو هوندو آهي اهڙو انداز اختيار ڪبو آهي..... ! ! ! ! ! !   الله پاڪ اسان کي حڪمت عملي جي دولت عطا فرمائي.

اچو ! بارگاھِ رسالت ۾ استغاثو پيش ڪيون ٿا:


 

 



[1] حیاتِ  اعلیٰ حضرت،جلد:1 ،صفحہ:149بتغیر قلیل