Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

اس کی ہستی میں تھا عمل جوہَر، سُنّتِ مصطفےٰ کا وہ پیکر

عالِمِ دِین، صاحِبِ تقویٰ، واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی !

جس نے دیکھا انہیں عقیدت سے، قلب کی آنکھ سے محبّت سے

مرحبا ! مرحبا ! پُکار اُٹھا، واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی !

نگاهن سان نيڪي جي دعوت

   پيارا اسلامي ڀائرو ! سيّدي اعلي حضرت، امام اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪامل ولي هُئا. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن ڪرامت ذريعي به ٻين جي اصلاح فرمائيندا هئا. جيئن ته 1329هجري جي ڳالھ آهي، اعلي حضرت، امام اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه علامه شاھ وصي احمد صُورتي وٽ رڪيل هئا، اُن دوران سيّد فَرۡزند علي صاحب اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان ملڻ جي لاءِ  آيو، سيّد صاحب جي ڏاڙهي ڪوڙيل هئي. اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪافي دير تائين گهري نظرن سان سيّد صاحب جي چهري مبارڪ  کي تڪيندا رهيا.

سيّد صاحب فرمائن ٿا: پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نگاهن مون کي شرمسار ڪري ڇڏيو، ايئن معلوم ٿي رهيو هو ته هڪ عاشق رسول مون کي ڏاڙهي رکڻ جي خاموش هدايت ڪري رهيو آهي. اَلحَمْدُللہ ! مون کي هدايت ملي وئي ۽ مون ڏاڙهي ڪوڙائڻ کان توبه ڪري ورتي. ([1])

سبحٰن الله ! ڇا شان ته آهي اسان جي آقا اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جو...... ! !

تم ہو سراپا شمعِ ہدایت، مُحْیِ سُنّت اعلیٰ حضرت

تم ہو ضیائے دِین و مِلَّت، مُحْیِ سُنّت اعلیٰ حضرت

کر دِی زِندہ، سُنّتِ مردَہ، دِینِ نبی فرمایا تازہ


 

 



[1] حیات اعلیٰ حضرت ،جلد:3 ،صفحہ:238 بتغیر