Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

عِيادت ئي نه ڪرڻ ۽ دل ۾ هي خيال ڪرڻ ته جيڪڏهن ڪجهه نه کڻي ويندس ته هُو ڇا سوچيندا ته خالي هٿين عِيادت جي لاءِ آيو آهي. خالي هٿ به عِيادت ڪرڻ ئي گهرجي نه ڪرڻ ثواب کان محرومي جو باعث آهي *  توهان عِيادت ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه فروٽ ۽ بسڪيٽ وغيره تحفي طور وٺڻ لڳو ته مشورو آهي ته مڪبتة المدينہ جا شايع ٿيل ڪجهه مدني رسالا به وٺي مريض کي پيش ڪريو، ته جيئن اهو ملڻ وارن (۽ جيڪڏهن اسپتال ۾ آهي ته) ڀر وارن مريضن ۽ اُن جي عزيزن کي تحفي طور ڏئي، بلڪ خوش نصيبي جو ! مريض پاڻ به ڪجهه مدني رسالا هديةً گهرائي هن ارادي سان پاڻ وٽ رکي ثواب ڪمائي * فاسِق جي عِيادت به جائز آهي، ڇو ته عِيادت اسلام جي حقن مان آهي ۽ فاسق به مسلمان آهي. ([1])

     مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو          سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو

ہوں گی حل مشکلیں قافلے میں چلو       ختم ہوں شامتیں قافلے میں چلو

   الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.   اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡنصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

جشنِ وِلادت جي باري ۾ مڪتوبِ عطَّار


 

 



[1] بهار شريعت ج 3، ص 505