Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

ڪرڻ وارو، پنهنجي زماني جي اولياء جو سردار. )[1](

هڪ سرحدي پٺاڻ جي  پنهنجي ڪهاڻي

علامه ارشدالقادري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هڪ ڀيرو بريلي شريف جي اسٽيشن تي هڪ سرحدي پٺاڻ اچي لٿو، اُن اسٽيشن جي ويجهو ئي نُوري مسجد ۾ فجر جي نماز ادا ڪئي، نماز کان بعد اُن ٻاهر نڪرندڙ نمازن مان ڪنهن کي بيهاري پڇيو: سائين ! هتي مولانا احمد رضا خان صاحب نالي ڪو بُزرگ رهي ٿو؟  ان جي اِڊريس ته ٻڌايو ! نمازي چيو: جي ها ! هتان کان ٻه ڪلو ميٽر جي فاصلي تي سوداگران نالي هڪ پاڙو آهي، مولانا احمد رضا خان صاحب اُتي رهي ٿو.

سرحد کان آيل پٺاڻ  اِڊريس پڇا ڪري اڃا اٿڻ ئي چاهيو ٿي ته هڪ نمازي اُن کي روڪي پڇا ڪئي: اوهان ڪٿان کان تشريف کڻي آيا آهيو؟ پٺاڻ ٻڌايو: مان سرحد جي قبائلي علائقي کان آيو آهيان. نمازي وري پڇيو: مولانا احمد رضاخان صاحب سان ڇو ٿا ملڻ چاهيو؟ اُن سوال تي سرحدي پٺاڻ جذبات ۾ اچي جهومي پيو، ڪيفيت تبديل ٿي وئي ۽ اکين مان لڙڪ جاري ٿي ويا، اُن آبديده ٿي ڪري چيو: هي سوال نه پڇيو ته بهتر آهي. سوال پڇڻ واري ۽ ٻين قريبي ويٺل ماڻهن کي ڏاڍي حيرت ٿي ته اها ڪهڙي راز جي ڳالھ آهي، جو هي ٻڌائڻ کان لنوائي رهيو آهي. هاڻي ماڻهن جي شوق ۾ ويتر اضافو ٿيو، انهن جي اصرار ڪرڻ تي سرحد کان آيل پٺاڻ راز تان پردو هٽائيندي ٻڌايو: پوئين جمعي شريف جي ڳالھ آهي، مان رات جو سُتس، اڃا ڪچي ننڊ ۾ هيس ته مون هڪ خواب ڏٺو، مون کان اُن خواب جي مٺاڻ ڪڏهن نه وسرندي، واھ ! منهنجي قسمت ! ڇا ٿو ڏسان، الله جي ولين جي ۽ آئمه سڳورن جي نوراني محفل سجيل آهي، جنهن ۾ احمد رضا نالي هڪ بُزرگ به موجود آهي، اُن وڏي رُتبي وارن ولي سڳورن جي موجودگي ۾ احمد رضا خان جي مٿي تي اِمامت جي پڳ


 

 



[1] فتوحات، جلد:3، صفحہ:297۔