Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

ڪرائيندي آهي۔([1])          اي عاشقانِ رسول ! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو ! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريون ٿا، مثال طور نيت ڪريو ! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّھ سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب !                                                             صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

کين ننڍي هوندي کان ئي باڪمال ڏٺو  آهي

   سيدي اعلي حضرت امام اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هڪ پاڙيسري هو جنهن جو نالو ”محمد شاھ خان“ هو. اڪثر ماڻهو ان کي حاجي منٿن خان چئي سڏيندا هئا. هي زميندار ماڻهو هو ۽ عُمر ۾ اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  کان وڏو هو.

انسان زميندار هجي، پيسي ڏوڪڙ وارو هجي، پوءِ عُمر به ڪافي ٿي چڪي هجي ته ڪجھ ماڻهن جي طبيعت ۾ تڪبر، وڏائي ۽ ٿورو گهڻو غرور وغير به اچي ويندو آهي ۽ مُعاشرتي معاملو آهي ته ماڻهو پنهنجي پاڙي وارن جي سامهون ڪجھ وڌيڪ شان شوڪت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جي زميندار پاڙيسري، حاجي محمد شاھ جو انداز نرالو هو.  سيّد قناعت علي شاھ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مون ڏٺو ته حاجي محمد شاھ زميندار  ۽ عُمر ۾ وڏو هجڻ جي باوجود اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي آستاني تي ٻهارو ڏئي رهيا آهن. سيّد قناعت علي شاھ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي اهو انداز نه وڻيو، ته هڪدم اڳتي وڌيا ۽ سندس هٿن مان ٻهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر حاجي صاحب ٻهارو نه ڏنو ۽ فرمايائين: پٽ ! هي منهنجي لاءِ خوش نصيبي آهي جو


 

 



[1]...مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔