Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

صفتن  جي بيان ۾ فرمايو:

وَ اِذَا قِیۡلَ لَہُ  اتَّقِ اللّٰہَ اَخَذَتۡہُ الۡعِزَّۃُ بِالۡاِثۡمِ فَحَسۡبُہٗ جَہَنَّمُ ؕ وَ لَبِئۡسَ الۡمِہَادُ (۲۰۶)  (پارہ :2 ، سورۂ  بقرہ:206)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جڏهن ان کي چيو وڃي ته الله کان ڊڄ ته ان کي ضد ويتر گناھ تي اُڀاري ٿو ته اهڙي کي جهنم ڪافي آهي ۽ اهو ضرور تمام برو ٺڪاڻو آهي.

تفسير صراط الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان آهي: منافق انسان جي هڪ علامت هي هوندي آهي ته جيڪڏهن  اُن کي سمجهايو وڃي ته پنهنجي ڳالھ تي ضد ڪري ويهي رهندو آهي، ٻين جي ڳالھ تسليم ڪرڻ پنهنجي لاءِ توهين سمجهندو آهي، نصيحت ڪئي وڃڻ کي پنهنجي عزّت جو مسئلو بڻائيندو آهي. افسوس.... ! ! ! اسان وٽ اهڙن ماڻهن جي ڪثرت آهي، گهرن ۾ ڏسي وٺو ته ڇوڪري ءَ جا مائٽ ڇوڪري يا ان جي گهر وارن کي نٿا سمجهائي سگهن، ننڍي خاندان وارا وڏي خاندان وارن کي نٿا سمجهائي سگهن، مسجدن ۾ ڪو نوجوان عالم يا ديني مبلغ  بزرگ شخص کي نٿو سمجهائي سگهي، جنهن کي سمجهايو اهو ئي ڳچي ۾ پئجي وڃي ٿو. الله پاڪ اسان جي حال جي اصلاح فرمائي. ([1])

بدترين شخص ڪير......؟

تفسير نعيمي ۾ آهي: بدترين شخص اهو آهي جيڪو نصيحت جي ڳالھ يا ربّ ڪريم جو نالو ٻُڌي ڪري ابتو ناراض ٿي وڃي. ([2])

فَحَسۡبُہٗ (پارہ :2 ، سورۂ  بقرہ:206)

ترجموڪنزالعرفان: ته اهڙي کي جهنم ڪافي آهي

صحابي رسول حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: الله پاڪ وٽ وڏن


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان،پارہ :2،سورۂ بقرہ ،تحت الآیۃ :206 ،جلد:1 ،صفحہ:323

[2] تفسیر نعیمی،پارہ:2 ،سورۂ بقرہ ،تحت الآیۃ:206 ،جلد:2 ،صفحہ: 335