Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

ذميدارين مان اَهم ذميداري(Responsibility) آهي قرآن ڪريم ۾ سيپاري: 10 سوره توبه ۾ هڪ  هنڌ الله پاڪ  منافقن ۽ ايمان وارن جا الڳ الڳ وصف ذڪر فرمايا آهن.

منافقن جي متعلق فرمايو:

یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمُنۡکَرِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمَعۡرُوۡفِ  (پارہ :10 ،سورۂ توبہ:67)

ترجموڪنزالعرفان: برائي جو حڪم ڏين ٿا ۽ ڀلائي کان منع ڪن ٿا.

يعني هي منافقن جو ڪم آهي ڇوته هُو برائي جو حڪم ڏيندا آهن ۽ ڀلائي کان روڪيندا آهن. جڏهن ته عاشقانِ رسول مسلمانن جو وصف بيان ڪندي الله پاڪ فرمايو:

وَ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ وَ الۡمُؤۡمِنٰتُ بَعۡضُہُمۡ اَوۡلِیَآءُ بَعۡضٍ ۘ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ  (پارہ :10 ،سورۂ توبہ:71)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون هڪٻئي جا ساٿي آهن، ڀلائيءَ جو حڪم ڏيندا آهن ۽ بُرائي کان منع ڪندا آهن.

يعني مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون پاڻ ۾ ڀائر ڀينر آهن، مرد مردن سان عورتون عورتن سان الله پاڪ جي رضا جي لاءِ محبت رکنديون آهن ۽ مسلمانن جو هي اعليٰ وصف آهي ته هي پاڻ ۾ هڪٻئي کي نيڪي جي دعوت ڏيندا ۽ برائي کان منع ڪندا آهن.

افسوس ! افسوس...... ! !  هاڻي اسان جا حالات انتهائي خراب ٿي چڪا آهن، ماڻهو گناھ ڪرڻ ۽ گناهن جي ترغيب ڏيارڻ ۾ بلڪل شرم محسوس نٿا ڪن، بيحيائي جي ڪمن کي فيشن (Fashion)۽ جدّت جو نالو ڏئي ان کي اپنائڻ جي